اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنگين غداري ڪيس ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ اڳوڻي فوجي صدر جنرل پرويز مشرف خلاف ڪيس جو فيصلو 28 نومبر تائين محفوظ ڪري ڇڏيو . جسٽس وقار سيٺ جي سربراهي ۾ بينچ اڱاري تي ٻڌڻي شروع ڪئي ته پرويز مشرف جو وڪيل موجود نه هو، عدالت پڇو ته وڪيل ڪٿي آهي، اسپيشل رجسٽرار ٻڌايو ته هو عمرو ادا ڪرڻ ويل آهي. عدالت چيو ته هن کي ٽيون ڀيرو آخري مهلت ڏني هئي اڄ لاءِ ته جواب داخل ڪري. عدالت پڇو ته حڪومت سرڪاري وڪيلن کي هٽائڻ بابت عدالت کان اجازت ڇو نه ورتي جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته موجوده حڪومت گذريل حڪومت جي وڪيلن کي هٽائي ڇڏيو هو. جسٽس شاهد ڪريم چيو ته ان معاملي تي عدالت وفاقي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي عدالت ۾ طلب ڪيو آهي ڏسون ته هو ڇا ٿو چوي. جسٽس نذير اڪبر چيو ته هن ڪيس ۾ اٽارني جنرل جو ڪو ڪردار ئي ناهي. بينچ جي سربراهه جسٽس وقار سيٺ چيو ته سرڪاري وڪيلن لکت ۾ جواب ڏنو آهي جيڪو ڪافي آهي. عدالت ٻڌڻي سميٽيندي چيو ته 28 نومبر تي فيصلو ٻڌايو ويندو. ياد رهي ته جنرل مشرف 3 نومبر 2007 تي ايمرجنسي نافذ ڪئي هئي ۽ آئين جزوي طور معطل ڪيو هو جنهن خلاف ڊسمبر 2013 تي سنگين غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. 31 مارچ تي پرويز مشرف تي فرد جرم عائد ڪئي وئي هئي ۽ سرڪاري وڪيلن سڀ ثبوت 2014 ۾ ئي عدالت آڏو رکيا هئا پر مختلف اپيلن جي ڪري معاملو ڊيگهه اختيار ڪندو ويو. پرويز مشرف علاج جي بهاني مارچ 2016 ۾ پرڏيهه هليو ويو هو ۽ بعد ۾ هن ڪيس ۾ ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيو .










