مريم سان آمريڪي قونصلر جي ملاقات، سرمائيڪاري تي ڳالهيون

مريم سان آمريڪي قونصلر جي ملاقات، سرمائيڪاري تي ڳالهيون

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان آمريڪي قونصل جنرل ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ صوبي ۾ سرمائيڪاري سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آمريڪي قونصل جنرل سٽينسن سينڊرس سان ملاقات جي دوران وزيراعليٰ مريم نواز آمريڪي سرمائيڪارن کي پنجاب ۾ شاندار موقعي مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. انهي موقعي تي مريم نواز سان آمريڪا جي نئين پوليٽيڪل اينڊ اڪنامڪ آفيسر جو تعارف ڪرايو ويو.ملاقات ۾ مريم نواز پاڪستان ۽ آمريڪا جي وڌندڙ لاڳاپن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري خوشي جوڳي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو تازو دورو آمريڪي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام جو سبب بڻجندو. پاڪستان ۽ آمريڪا جا موجوده لاڳاپا آسمان تي پهچي رهيا آهن. هن چيو ته پنجاب تاريخ جي بدترين سيلاب کي منهن ڏنو آهي. تاريخي ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن کان پوءِ بحالي جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنجاب حڪومت جي تاريخي پيڪيج جو ڪم به شروع ٿي چڪو آهي. اهڙي طرح پنجاب ۾ ڪلچرل ٽروازم کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ قديمي ثقافتي ورثي جي بحالي ۽ بهتري آندي پئي وڃي. مريم نواز چيو ته پنجاب ثقافت جي حوالي سان مالا مال زمين آهي. پنجاب عالمي سطح تي ٽورازم جو حب بنجڻ پورٽينشل رکي ٿو. پنجاب هزارين سال پراڻي تهذيب ۽ مذهبي ثقافت جو علمبردار آهي. پنجاب حڪومت جا وومين ايمپاورمنٽ پراجيڪٽ جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. لاهور سميت ٻين شهرن ۾ وقت تي قدمن ۽ ماحول دوست پراجيڪٽ سبب ايئر ڪوالٽي انڊيڪس ۾ بهتري اچي رهي آهي پنجاب حڪومت سرحد پار کان ايندڙ اسموگ جي اثرن کي گهٽ کان گهٽ سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهي.انهي موقعي تي آمريڪي قونصل جنرل چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي سرمائيڪاري واپار کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اي بزنس پراجيڪٽ تعريف جوڳو قدم آهي. انهي منصوبي سبب سرمائيڪارن جي لاءِ آساني پيدا ٿي رهي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ جهڙي طرح ۽ جنهن رفتار سان ڪم ٿي رهيو آهي انهي کي سڀ محسوس ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو