محمد عامر برطانوي شهريت حاصل ڪري ورتي

محمد عامر برطانوي شهريت حاصل ڪري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر برطانوي شهريت حاصل ڪري ورتي آهي.محمد عامر پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ برطانوي شهريت حاصل ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.34 سالن جي فاسٽ بالر 36 ٽيسٽ، 61 ون ڊي ۽ 62 ٽي 20 ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي.رپورٽ موجب، فاسٽ بالر جي زال اڳ ۾ ئي برطانوي شهريت رکي ٿي. محمد عامر، جيڪو 2009 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ 2017 جي چيمپئنز ٽرافي کٽيندڙ پاڪستاني ٽيم جو حصو هو، اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته هو انگلينڊ لاءِ نه کيڏندو ڇو ته هو اڳ ۾ ئي پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو