محسن نقوي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر، حلف کڻي ورتو، عدالت وينداسين: فواد

محسن نقوي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر، حلف کڻي ورتو، عدالت وينداسين: فواد

لاهور /اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس شروع ٿيو،ميبرن جو محسن نقوي کي نگران وڏي وزير طور متفق فيصلو ڪيو ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ محسن نقوي کي نگران وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويو.اليڪشن ڪميشن محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ حڪومت طرفان احمد نواز سکيرا ۽ نويد اڪرم چيما جا نالا تجويز ڪيا ويا، جڏهن ته مخالف ڌر احد چيما ۽ محسن رضا نقوي جا نالا تجويز ڪيا. واضح رهي ته پنجاب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق نه ٿيڻ بعد آئين موجب معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويو هو ۽ اليڪشن ڪميشن کي به اڄ رات 10 وڳي تائين فيصلو ڪرڻو هو. .

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي حلف کڻي ورتو

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي عهدي جو حلف کڻي ورتو.محسن نقوي جي حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي جتي گورنر پنجاب بليغ الرحمان محسن نقوي کان پنجاب جي نگران وڏي وزير جي عهدي جو حلف ورتو.

ڪارڪن تياري ڪن روڊن تي نڪرنداسين: فواد چوڌري

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اليڪشن ڪميشن طرفان محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻائڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته هو محسن نقوي جهڙي تڪراري شخص کي وڏو وزير بڻائڻ واري فيصلي کي رد ڪري ٿو.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به مايوس ناهي ڪيو، هن نظام خلاف روڊن تي نڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.هن هدايت ڪئي ته ڪارڪن عمران خان جي قيادت ۾ وڏي مهم جي تياري ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو