پشاور(ويب ڊيسڪ)سوات سميت مالاڪنڊ ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ طالبان جي واپسي کانپوءِ عوام ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. ڀتا خوري جي الزامن ماڻهن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي. لوئر دير جي علائقي ميدان ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي ملڪ لياقت تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ خلاف ماڻهو روڊن تي نڪري آيا.تحصيل ميدان ۾ امن امان جي صورتحال تي ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ 16 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.










