مارڪسزم ۽ عورتن جي جدوجهد

مارڪسزم ۽ عورتن جي جدوجهد

طفيل مگسي
ڪنهن به تاريخي تبديلي جو تعين يقينن سدائين عورت جي آزادي واري ترقي ڏانهن ئي ڪري سگهجي ٿو.ڇاڪاڻ ته عورت جي مرد سان گڏ تعلق ۾َ ڪمزور جي مضبوطي سان گڏ تعلق ۾ ئي وحشيت جي انساني فطرت جي برتري سڀ کان وڌيڪ چڱي ٿي وڃي ٿي.۽ عورت جي آزادي جو درجو ئي عمومي آزادي جو فطري عمل آھي.(چارلس )
انساني شعور جي ترقي عملن مادي حالتن جي احسان مند هوندي آھي.ڇوته مادي حالتون روزاني تبديلي جي عمل کان ٿي گذري ٿي ۽ انهيء سبب کان سالن.صدين ۽ ڪو وقت هزارن تائين سماجي حيثيت ۽ سڃاڻپ جي هڪجهڙآئپ.جي سبب کان احسان مندي واري شعوري تبديلي جي خلاف مزاحمت جي معمول جو شڪار ٿي وڃن ٿا.اسان جو ماحول ظاھر ۾ اهڙو ئي آھي جهڙو اسان کي ابن ڏاڏن جي ورثي ۾ مليو ۽ ھڪ ٻيئي پٺيان هلندڙ ڪهاڻين جي مشاھدن جي بنياد تي اهو نتيجو به پڪي عقيدي جيان حقيقت پسنداڻو هوندو آھي ته اسان جي ابن ڏاڏن کي به اهو سڀ ڪجه ساڳئيء ريت ورٽي ۾ مليو هوندو.خاص طور تي مذھب .اخلاقيات.رياست.خاندان.سماجي قانون ۽ انساني فطرت جي باري ۾ ته سماجي شعور هٺ ڌرمي ۽ ڪو وقت مطلق العنان ردعمل اختيار ڪري وٺي ٿو.۽ ستم ظريفي اها به آھي ته جيئن جيئن انسان ترقي جون منزلون طئي ڪندو ويو.اها هٺ ڌرمي به گهٽ ٿيڻ جي بجاء ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ وڌندي ئي وئي. سرمائيداراڻي انقلاب جي شروعاتي سالن جي يا ائين چئجي ته غير معروضي حالتون انقلابن جي.سماجي شعور جي عمومي چرپر جو پاسو ۽ ڪارڻ اهڙو ئي رهيو آھي.ان جي ڀيٽ ۾ مارڪسي نظريو پنهنجي بنياد ئي تبديلي جي اڪيلي ازلي ۽ ابدي اصول تي دارمدار رکي ٿو.جنهن جي معني اها ٿي ته خاندان مذھب.۽ رياست سميت ڪو به سماجي مظھر ازلي ۽ ابدي ناهي بلڪ تاريخي عنصر ئي مارڪسي سائنس جو خاص ثبوت يا اصول آھي.ان حوالي کان عورتن جي باري ۾ جيڪا عمومي سوچ نه صرف مردن ۾ بلڪ پاڻ عورتن ۾ ڏٺي وڃي ٿي.اها هيء آھي ته عورتون فطري طور تي ڪمزور.معاشي ۽ سماجي طور تي مخالف صنف هجن ۽ ذھني و تخليقي سرگرمين کان لاتعلق محض ھڪ شيء جي حيثيت رکن ٿيون.۽ اھا حيثيت نه ته ڪڏھن تبديل ٿي ۽ نه ٿي سگهي ٿي.سائنسي بينادن تي تاريخ جو مطالعو مارڪسي طريقيڪار کي بار بار درست ثابت ڪري ٿو.
1-عورتون تايخ جي آئيني ۾.
انٿرو پالوجي يا بشريات جهرا جديد علم اهو ثابت ڪن ٿا ته عورت جي سماجي حيثيت سدائين کان غائب ۽ گمنام ناهي رهي بلڪ انساني ارتقا جي شروعاتي سالن ۾ ڪنهن قسم جو سماجي فرق موجود نه هو.انسان جو حقيقي مقابلو فطرت سان هو.موسم ۽ جسماني طور تي پاڻ کان وڌيڪ طاقتور جانورن کان پاڻ کي محفوظ رکڻ جي لاء انسان گڏيل دفاعي رد عمل تي دارومدار ڪرڻ کان علاوه ڪجهه ٻيو سوچڻ يا ڪرڻ جي لائق ئي نه هو.اهڙين حالتن ۾ انسان جي وچ ۾ صنفي.معاشي يا ڪنهن به قسم جي هيٺاهين مٿاهين جو سوال ئي پيدا نٿي سگهيو هو.پهريون فرق جيڪو عورت ۽ مرد جي وچ ۾ نروار ٿيواهو نج حياتاتي هو ۽ ان کان سماجي حيثيت تي ڪنهن به قسم جو مثبت يا منفي اثر بلڪل نه هو.عورتون ٻارڙن جي سارسنڀال جي لاء الڳ وقت ڪڍڻ تي مجبور هيون ۽ مردن جو اڪثر وقت شڪار ۽ دفاعي مامرن تي ڌيان ڏيڻ هوندو هو.۽ اھا شايد انسانن جي وچ ۾ پهرين طرز جي ورهاست هئي.مگر ان جي بنياد تي مرد جي بجاء عورت جي سماجي برتري جا بنياد پيا. انهن ئي بنيادن تي اڳتي هلي ڪري مدرسري سماج جي مضبوط عمارت تعمير ٿي .جيڪا هزارين سالن تائين قائم رهي.خانداني نظام نهايت ئي بعد وارن پيداواري تعلقات جو نتيجو آھي.خاص طور تي نيولٿڪ انقلاب کانپوء جڏھن اوزارن جي ترقيء انسانن کي ان قابل بڻايو ته اهي پاڻ کان وڌيڪ طاقتور جانورن جو سولائي سان شڪار ڪري وٺندا هئا.انهن کي پاليندا هئا ۽ انهن ڍورن جي سبب کان کير ۽ گوشت جو گهڻو مقدار پهريون ڀيرو انسانن جي اختيار ۾ اچڻ شروع ٿيو.ضرورت کان واڌو مقدار خاندان جو پهريون تعارف هو.جيتوڻيڪ اهو فطرت تي انساني ڍٻدٻي جي حوالي کان هڪ انقلابي جستجو هئي.مگر گڏ ئي ان جو منفي سبب به اهوئي هو يعني واڌو پيداوار يا ضرورت کان وڌيڪ پيداوار..انهيء واڌو پيداوار انسانن جي وچ ۾ هر قسم جي سماجي ٻج کي ڇٽيو.ان ترقي جي قيمت ذھني ۽ جسماني محنت جي ورهاست جي شڪل ۾ سماج جي ڪشادي آبادي کي ڏيڻي پئي.جيڪي هڪ محڪوم طبقي جي شڪل اختيار ڪري ويا.انهيء کان قبائلي طرز معاشرت منجهان غلامي جو نظام.چٽو ٿيو.\ نروار ٿيو.ذھني ۽ جسماني محنت جي ورهاست جي به سماجي مرتبي کي گهٽ ڪرڻ جي لاء درست حالتون پيدا ڪيون. فرق جي بنياد تي قائم ٿيڻ واري محنت جي ورهاست هينئر هڪ سماجي اصول جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪري ورتي.ياد رهي ته پوکي راهي جي شروعات پاڻ عورتن ئي ڪئي هئي.جنهن کان انسان بربريت کان نڪري ڪري تهذيب جي مرحلي تائين پهتو.مگر بعد ۾ غلامن جي وسيلي پيداوار جي عمل عورتن کي معاشي سرگرمي کان هوريان هوريان ليڪن اٽڪل مڪمل طور تي بيدخل ڪري ڇڏيو.هاڻي ٻار تاتڻ ۽ کاڌو پچائڻ ۽ ٻين گهريلو ڪمن تائين عورت محدود ٿي ڪري رهجي وئي ان جي پيداوار کان حاصل ٿيڻ وارين سهولتين جي ورهاست جي سوال ڳاٽ کڻڻ شروع ڪيو. تعلقات ۾ ورهاست جي منتقلي جو عمل .ڪمل پورائي تائين نه پهجي سگهيو هو.ان لاء جنسي تعلقات ۾ سماجي بندشن جي شروعات ٿيڻ شروع ٿي ته جيئن سهوليتن جي منتقلي جي لاء ٻارڙن کي سماجي سڃاڻپ ڏئي سگهجي.اها خاندان جي شروعات هئي.اهو عمل سڌي لڪير ۾ اڳتي نه وڌيو.ان ۾ پهريون ييرو ڪافي مزاحمتن جو سامهون ڪرڻو پيو هوندو.سينڪڙين سالن جي داخلي ڇڪتاڻ کانپوء ئي سماجي تعلقات جو نئين سماجي جوڙجڪن جو سبب بڻيو.مدرسري سماج جو خاتمو ٿيو.۽ پدرسري سماج وجود ۾ آيو.بورزوا مورخ سدائين تاريخ جي مٿان لڪ لڪوٽي ڪندا رهن ٿا.ڇوته انهن جي فلسفي ۽ سوچ جي مطابق طبقاتي ٽڪراء ٺيڪ فطري ۽ ابدي آھن ۽ عورت جي سماجي طور تي ڪمزور حيثيت ان جو سڀ کان وڏو دليل آھي.ائين پدرسري ۽ نجي ملڪيت کي هڪ ٻئي کي فطري ۽ لازمي ثابت ڪرڻ جي لاء بحيثيت دليل استعمال ڪيو وڃي ٿو.ائين هڪ جي خلاف طرز فڪر ٻيئي جي مٿان به سوال کڄڻ جو سبب بڻجي ٿو.جديد سائنس جون سموريون دريافتون مدرسري سماج جي ارتقائي مرحلي کي روز روشن جيان چٽو ڪنديون وڃن ٿيون.ائين بورزوا رشتا پاڻ سائنس جي ترقي جي لاء خطرو بڻجي چڪا آھن.ان ڪري انهن سائنسي ايجادن کي به غلط فلسفاڻين آسڪارن جي وسيلي رد ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.عورت جي سماجي ڪردار جي بورزوا ڊانشورن ۽ نقادن جو بي ڍنگو رويو مجموعي طور تي نه صرف تاريخ بلڪ سمورن علمن کي پاڻ ڪراڻ ڏانهن بوزوا طبقي جي بي حيائي جو سڀ کان وڏو دليل آھي.نه صرف اهو ته نيوليٿڪ انقلاب جا ٻج عورتن ڇٽيا هئا.بلڪ سموري تاريخي انقلاب ۾ عورتن مثبت ۽ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آھي.چاهي روم ۽ عرب جو غلاماڻيون بغاوتون هجن.اوڀر ۽ اولھ جي هارين جون بغاوتون هجن يا جديد صنعتي مزدورن جي سياسي جدوجهد هجي.عورتن بهترين ڪارناما انجام ڏنا آھن.خاص طور تي انساني تاريخ جا ٻه انقلاب يعني انقلاب فرانس1781ع ۽ بالشويڪ انقلاب 1917ع جي شروعات ئي عورتن ڪئي هئي.بلڪ جيڪڏھن انهن انقلابن ۾ عورتن جي ڪردار کي ڪڍيو وڃي ته انهن انقلابن جو تعين ئي نٿو ڪري سگهجي.۽ ظاھر آُھي ته انهن جي ٿيڻ جو سبب باقي نٿو رهي.جيئن ته مارڪس وضاحت ڪئي هئي ته سموري انساني تاريخ ڇڪتاڻ جي تاريخ آھي.۽ انقلاب تاريخ جون انجڻيون هونديون آھن.ان حوالي کان بورزوا مورخين جي عورتن کي انساني تاريخ ۾ محض هڪ نا معلوم عنصر يا شيء جي طور تي ثابت ڪرڻ جي سمورين ڪوششن جي باوجود محنت ڪش ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري سرگرم عمل نظر اچن ٿيون.
2-عورت پرستي جي شروعات ۽ ارتقا.
صرف انيء حيثيت جي سبب کان ته عورتن جي محنت کي عالمي منڊي ۾ سڇاڻپ.ميسر ٿيئي.بورزوا عورتن پنهنجي سماجي پوزيشن ۾ پنهنجي آزادي حاصل ڪئي.جيڪا عورت پرستن جي لاء وڏي فخر جي ڳالھ آھي.(کولنتائي).
عورت پرستي جو اصطلاح فرانسيسي ٻوليء جي لفظ Feminisme کان ورتل آھي.هن کي سڀ کان اڳ يوٽوپيائي سوشلسٽ فوريئر استعمال ڪيو هو.مگر انگريزي ٻولي ۾ اهو89-90 جي ڏھاڪي ۾ رائج ٿيو.عام.طور تي انهيء دور کي ئي عورت پرستي جي شروعات جو دور سمجهيو وڃي ٿو.جيتوڻيڪ عورتون ان کان اڳ پنهنجي زندگي جي حالتن ۾ بهتري جي لاء سرگرم ئي نه هيون.اهو درست آھي ته هڪ سياسي لاڙي جي طور تي عورت پرستي انهيء دور ۾ وڌڻ شروع ٿي مگر عورتن جي جدوجهد کي واڌ ويجھ نه ڏني.بلڪ اها عورتن جي مسلسل جدوجهد ئي مشتمل هئي..جنهن هڪ خاص مرحلي تي پهچي ڪوشش جي ڪري ان سياسي لاڙي جا بنياد وڌا ۽ جيڪڏھن سرمائيداري نظام جي شروعات کان عورتن جي جدوجهد کي ڏٺو وڃي ته پوء ان جي طبقاتي جدوجهد خاص طور تي ڏيک ڏيندي.فرانسيسي انقلاب ۾ اسان عورتن جي ڪردار جا اڳ ۾ حولا ڏئي چڪا آھيون.مگر اتي به محنت ڪش طبقي جي عورتن جدوجهد جا طريقا ۽ مقصد وچولي طبقي يا نئين آزمايل بورزوا طبقي جي عورتن کان بلڪل مختلف هئا.برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ به عورتون محنت ڪش طبقي جي عمومي جدوجهد ۾َ سرگرم.عمل هيون.۽ انهن جا ڪي اهڙا الڳ مقصد نه هئا.جن کي محنت ڪشن جي عمومي سياسي مقصد کان الڳ ڪري سگهجي.ٽريڊيونين ٺاھڻ جو حق به محنت ڪشن وڙھي ڪري حاصل ڪيو هو.انهيء ريت صنعت ۾َعورتن جي وڌندڙ انگ جي ڪري عورتن جي لاء ووٽ جو حق به محنت ڪشن جي سياسي مفاد ۾ ھو.
جيئن جيئن صنعتي پدداوار ۽ پيداواري قوتن جي ترقي ۾ واڌارو ٿيندو ويو ته عورتنجي لاء صنعت جا دروازا کلندا ويا.پراڻي خانداني ڍانچي جي ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري وچولي طبقي جون ڪافي عورتون به پنهنجي سماجي تبديلي ۽ ضرورتن جي پورائي جي لاء صنعتن جو رخ ڪرڻ لڳا.پنهنجي بقا جي لاء ھاڻي انهن جو دارومدار به نون پيداواري تعلقات تي هو. پيٽي بورزوا يا سابقه جاگيرداراڻي خاندان کان وڇڙيل عورتون به محنت جي منڊي ڏانهن راهي ٿي رهيون هيون.ان کان اڳ محنت جي منڊي ۾ مرد محنت ڪش وڏي اڪثريت ۾ ھئا.ائين جيئن ته اڳ ۾ وضآحت ڪئي وئي آھي.عورتن جي سستي محنت عمومي طور تي محنت جي منڊي ۾ هلجل پيدا ڪري ڇڏي هئي.اهڙي ريت محنت ڪش نئين اچڻ وارين مشينن کي به بيروزگاري جو ذميوار سمجهندا هئا ۽ ڪو وقت انهن کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيندا هئا.جيڪا ان وقت جي شعور جي خاص ڪيفيت جي صورت هئي.۽ ان وقت اهي محنت جي منڊي ۾َاچڻ وارين عورتن جو هڪ حصو به خاص طور تي پيٽي بورزوا پمنظر جي عورتن ڏانهن مرد محنت ڪشن کي پنهنجي رستي جي رڪاوٽ سمجهڻ لڳيون .سرمائيدارن جي لاء به اهو ضروري هو ته اهي ان ڇڪتاڻ کي وڌيڪ سگه ڏين ته جيئن محنت ڪشن جي مقدار ۾ واڌاري جي تناسب سان انهن جي سياسي قوت ۾ واڌارو نه ٿي سگهي.اهي ئي اهڙيون خاص حالتون هيون.جن جي بدن کان عورت هڪ سياسي لاڙي جي طور تي جنم ورتو.تڏھن کان وٺي ڪري اڄ تائين عورتن جي حقن جي جدوجهد ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ جي سياسي شڪلين ۾ چٽي نموني انهن کي ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو.اسان هڪ ڀيرو وري ڪولنتائي جا لفظ ورجائڻ چاهينداسين.“پرولتاري عورتن جي اڪثريت جي لاء مردن جي برابري وارن حقن جو مطلب عدم.مسوات ۾ برابر ۡحصيداري ئي آھي.ليڪن بورزوا عورتن جي صرف جبري حصي جي ان جي وسيلي نيون ۽ ڪڏھن نه ڏٺل سھوليتن ۽ حقن جو رستو صاف ٿي ويو.جيڪي هينئر تائين صرف انهن جي طبقي جي مردن کي ئي حاصل آھن.ليڪن انهن بنيادن تي بورزوا عورتن جي هرهڪ سهوليت انهن جي پنهنجين ڀيڻن ( محنت ڪش عورتن) جو استحصال ڪرڻ جو نئون آوزار ميسر ڪندي ۽ جي عورتن جي وچ ۾ فرق ئي واڌاري جو سبب بڻجندي.انهن جي مفادن جو ٽڪراء اڃان وڌيڪ ٿيندو ۽ انهن جي وچ ۾ ٽڪراء وڌيڪ وڌندو“
پنهنجي شروعات ۾ عورت پرستي پاڻ کي محنت ڪش عورتن جي جدوجهد کان ممتاز ڪرڻ جي لاء ڪم جي جڳهن تي بهتر حالت جي جدوجهد کي پنهنجو مرڪزي مطالبو بڻايو.ڪميونسٽن عورتن جي ووٽ جي حق سميت انهن جي سمورن بورزوا سياسي مطالبن جي حمايت ڪئي آھي.مگر گڏ ئي سدائين انهيء محنت ڪش طبقي جي سياسي جدوجهد جي اٽوٽ انگ جي طور تي منظم ۽ فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.اهائي جدوجهد 8 مارچ ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي ڏڻ جو بنياد بڻي.
3–عورتن جي عالمي ڏينهن جي شروعات جو سوشلسٽ پسمنظر.
8مارچ واري ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آھي.مگر جيئن ته پهرين مئي يعني مزدورن جي عالمي ڏينهن جي شروعات ۽ پسمنظر جي باري ۾ تمام گهٽ ٽريڊ يونين ڪارڪن يا عام ماڻھو خبروار آھن.ائين ئي عورتن جي عالمي ڏينهن جي تاريخ ۾ به پاڻ عورتن جي حقن واري جدوجهد جي نام نهاد علمبردارن ۽ ان ڏينهن جو ڪاروباري سرگرمي ۾ تبديل ڪري مظلوم ومحڪوم عورتن تي ٺٺول ڪرڻ وارن جي اڪثريت جي لاء بلڪل ويڳاڻپ آھي.1908ع ۾ انٽرنيشنل ليڊيز گارمنٽس ورڪر يونين جي سريء ھيٺ هڪ هرتال منظم ڪئي وئي.ان هڙتال جي ياد ۾ سوشلسٽ پارٽي آف امريڪا 28 فيبروري 1909ع ۾ نيويارڪ ۾ هڪ جلسلو ڪوٺايو هو.آگسٽ 1910ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ ٻي انٽرنيشنل جي طرف کان ڪوٺايل انٽر نيشنل گانگريس ۾ جرمن سوشلسٽ لوئس ريٽر محنت ڪش عورتن جي عالي ڏينهن تي ويچار ونڊيا.۽ مشھور انقلابي عورت ڪالارا ريٽڪن ان جي حمايت ڪري ڇڏي.ان ڪانفرنس ۾ 17 ملڪن سان تعلق رکڻ واريون 100 کان مٿي عورتون موجود هيون .سمورين عورتن ان رٿ جي حمايت ڪئي.جيتوڻيڪ ان ميٽنگ ۾ ان حوالي سان ڪنهن خاص ڏينهن جي چونڊ نٿي ڪري سگهجي.ان ميٽنگ جي اهم ايجنڊا ڪم ڪرڻ وارين جڳهن تي عورتن جي لاء سازگار حالتن جي حاصلات جي جدوجهد کي بحيثيت مجموعي سرمائيداري جي خاتمي جي جدوجهد سان ڳنڍيندي هر قسم جي جنسي فرق کي رد ڪرڻ ھو.ان ڪانگريس ۾ پيش ڪيل قراردارن جي روشني ۾ 1916ع ۾ پهريون ڀيرو محنت ڪش عورتن جو عالمي ڏينهن ( IWWD) آسٽريا.ڊنمارڪ.جرمني ۽ سوئيزرلينڊ ۾ 19 مارچ تي ملهايو ويو ۽ ان موقعي تي ڪاافي ماڻھو گڏ ٿيا مگر اڪثريت عورتن جي هئي.صرف آسٽرو هنگري ۾ 300وڌيڪ احتجاج رڪارڊ ڪيا ويا.انهن مظاھرو ڪندڙن پيرس ڪميون کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاء بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا.ياد رهي ته پيرس ڪميون ۾ عورتن تعليم.ووٽ جي حق .پنهنجي دفاع ۾ ھٿيار جي استعمال واري حق.طلاق جي حق ۽ رياست جي مذھب کان علحيدگي جهٽن نعرن تي تاريخ ساز جدوجهد ڪئي هئي.
1913ع ۾ روس ۾ پهريون ڀيرو فيبروري جي پوئين هفتي وارن ڏيمهن عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.امريڪا ۾ عام.طور تي فيبروري جي آخري آچر ڏينهن ئي اهو ڏينهن ملهايو ويندو هو.انهن ڏھاڙين مزدور ٿحريڪ عروج تي هئي ۽ ان جي اثر هيٺ عورتون به پنهنجن حقن جي لاء احتجاج ۾ مصروف هيون.1914ع ۾ پهريون ڀيرو 8 مارچ تي محنت ڪش عورتن جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو.1917ع جو روس ۾ برپا ٿيڻ وارو فيبروري انقلاب جي شروعات به عورتن جي عالمي ڏينهن سان شروع ٿي هئي.پيٽروگراڊ ۾ عورتن عالمي جنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيڻ واري غذائي کوٽ جي خلاف احتجاج ڪيو.ٽيڪسٽائيل جي مزدورن انهن عورتن ڏانهن پنهنجا نمائندا موڪليا.۽ چيائون ته اهي ساڻن سان گڏجي هڙتال ڪرڻ جي لاء تيار آھن.ان سان انقلاب کي ملي ۽ عوامي هڙتال جي شروعات ٿي.آڪثومبر ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوء بالشويڪن عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سرڪاري موڪل ڪيو.جڏھن.1949ع ۾ چين ۾ انقلاب برپا ٿيو ته اتي 8 مارچ تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو.مقصد ته ڪدوجهد کي پنهنجي اهم ترين ئطالبن ۾ جڳھ ڏني آھي.اڄڪلھ اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي عوتن جي حقن جي جدوجهد ڪرڻ وارين عورتن کي مردن ۽ جورتن جي مسلئن ۾َشايد ئي ڪا شيء گڏيل ڏيک ڏيندي هجي.مگر هڪ ڳالھ ته طئي آُھي ته جڏھن جڏھن محنت ڪش سرگرم.عمل.ٿيا .عورت محنت ڪشن جي لاء سدائين اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو