لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج ن ليگ اڳواڻ مريم نواز جي پاسپورٽ واپس ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز جي پاسپورٽ واپسي بابت درخواست تي جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس انور حق پنه تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي.جسٽس انور حق پنو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.مريم نواز جي درخواست چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي وئي، جسٽس انواز الحق پنو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.










