محمد اسماعيل لانگاھ
اسان جي ملڪ ۾ جڏھن به چونڊون ٿين ٿيون ڪڏھن به امن واري ماحول سان نه ٿيون ٿين خوني جهيڙن فسادن ۽ رت جي راند سان ٿين ٿيون جنهن جو سبب اهو ئي آهي ته حڪمران جمائت جا دهشتگرد گروه ۽ سرڪاري مشينري کين فل سپورٽر بڻيل هجن ٿا جنهن ڪري کين چونڊن ۾ مخالف جماعتن کي هارائڻ لاء برسراقتدار حڪمران پارٽي سمورا هربا استعمال ڪندي رهي آهي جيئن هن وقت سنڌ ۾ پ پ بلدياتي اليڪشن ۾ پولنگ اسٽيشنز تي ڪي به سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل نه ڪرائي سگهي نه وري اليڪشن ڪميشن طرفان سيڪيورٽي جا ڪي مڪمل انتظام نظر آيا هن وقت پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي چوڏھن ضلعن اندر ٿيل مڪاني چونڊن دوران پولنگ اسٽيشنن تي ٿيل جهيڙي لاقانونيت ڌانڌلين وارن ڏنل نتيجن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته هن عمل ۾ پ پ سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي ناقص ڪارڪردگي ظاهر ٿي وئي آھي جڏھن چونڊن کان پهرين سنڌ جي انتهائي حساس, ۽ حساس قرار ڏنل پولنگن تي سيڪيورٽي جي معمولي انتظام هئڻ سبب جهيڙن جون وارداتون ٿيون آھن جهيڙن ٿيڻ جو سبب صاف طرح ظاهر ٿيو ته پ پ سرڪار پولنگ عملي ۽ پوليس جي مدد سان اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ پئي چاهيو ۽ ٿيو به ايئن آهي پولنگن تي هٿ سان جهيڙا ڪرائي پ پ مخالفن کي شڪست ڏيڻ ۽ پنهنجن اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ جو هڪ دڳ ٺاهيو, ان کانپوء چند ٽڪن جي لالچن تي هريل پوليس عملدارن کي پ پ جي ڪمداري ڪندي ٺپا ھڻندي ڏٺو ويو اهڙي لاقانونيت واري راڄ ۾ ٿيندڙ اليڪشن کي سليڪشن ئي چئي سگهجي ٿو جتي غريب عوام کي پنهنجي راء جو اظهار ڪرڻ نه ڏنو وڃي سنڌ ۾ پ پ هن وقت مسلسل پندرنهن ورهين کان حڪمران جماعت رهي آهي پر هن ڀيري ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ کين شڪست جو وڏو ڊپ هئڻ ڪري هن اڳ ۾ ئي پوليس سميت تمام پولنگ اسٽشنز انتظاميه کي مخالف جماعتن جي اميدوارن کي هارائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ۽ ان جي باوجود کين پ پ جا ڳڙھ سمجهيا ويندڙ تڪ جنهن تي آزاد اميدوارن سميت ٻين پارٽين جي ڪاميابي ئي پ پ جي شڪست تصور ٿئي ٿي جيڪڏھن چونڊن دوران پولنگن تي ماحول سازگار هجي ها ته شايد پ پ کي ناڪامي نصيبن ۾ لکيل هئي ليڪن دهشت ۽ وهشت واري راڄ ھيٺ پ پ جي ڪاميابي کي ڪاميابي نٿو چئي سگهجي اڃا به سنڌ ۾ ڪافي ضلعن تي چونڊون ٿيڻيون آھن جتي مخالف اميدوارن کي هراسان پريشان ڪرڻ ۽ انهن کي مبينا طريقن سان گم ڪري ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ هٿ کڻائڻ لاء دٻاءُ وجهرائڻ جهڙيون وارداتون پ پ مخالف اميدوارن سان وڌي ويون آهن, اهڙي غيريقيني ۽ لاقانونيت واري صورتحال ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جي نتيجن کي مخالف جماعتون ڪيئن قبول ڪنديون ۽ سنڌ ۾ اهڙي ماحول اندر اليڪشن ٿي رهي جتي ڪافي ضلعن ۾ پ پ جي اڪثريت هئڻ جي باوجود مخالف اميدوارن جو کٽڻ سنڌ سرڪار لاء سنيهو آهي ته سنڌ جي غيور عوام ۾ شعور اچي چُڪو جيڪڏھن انهن کي پولنگ اسٽيشنز تي حقيقي حق ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو ته سنڌ ۾ وڏو انقلاب اچي سگهي ٿو جيڪو پ پ جي ايونن کي لوڏي ڇڏيندو موجوده بلدياتي چونڊ نتيجن تي مخالف جماعتن پاران ٿيل خدشن کي اليڪشن ڪميشن کي فوري طور نوٽس وٺي رهيل ضلعن تي صاف ۽ شفاف اليڪشن لاء ماحول کي سازگار بڻائڻ لاء سيڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وڃي سڀني سياسي جماعتن کي عوامي نمائندن کي عوامي خدمت جو موقعو ملي سگهي










