اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاق ۽ چئني صوبن جي نگران قانون واري وزيرن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ جي تجويز ڏني.نگران وفاقي قانون واري وزير جي صدارت هيٺ چئن نگران صوبائي قانون واري وزيرن جو اجلاس ٿيو.ملاقات ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس دوران قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي.قانون واري وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي، جيڪا صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميوار آهي.










