فورسز جو دهشتگردن سان مقابلو، 4 جوان شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا

فورسز جو دهشتگردن سان مقابلو، 4 جوان شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ دهشتگردن جو سرغنه حضرت زمان عرف خاوري ملا پڻ مارجي ويو، جيڪو ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هو.آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ 3 جوان به شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ لانس نائيڪ تبسم الحق، سپاهي نعيم اختر ۽ سپاهي عبدالحميد شامل آهن.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڏکڻ وزيرستان واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سپاهي فرمان علي شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو