اسلام آباد:(بيورو) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستاني فوج لاءِ اهو بهتر آهي ته ڪو اهل ۽ اهڙو شخص جنهن تي ڪوبه داغ نه هجي اهو پاڪ فوج جو سربراهه بڻجي ته جيئن پاڪ فوج کي ماڻهو سليوٽ ڪن. اتحادي حڪومت وڏا فيصلا نٿي ڪري سگهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته چئن سالن جي بربادي جي ذميواري 4 هفتن جي نئين حڪومت مٿان وڌي پئي وڃي. هنن کي 4 هفتن دوران مهانگائي نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ سندس چوڌاري ويٺل چور آهن. عمران خان وزيراعظم رهيو هو هاڻ 4 سالن جو حساب ڏئي هي چئن سالن جي ڪارڪردگي تي چئن سيڪنڊن جي ڳالهه نٿو ڪري. جيڪڏهن منهنجي خلاف ڪو ثبوت آهي ته مون کي سزا ڏيو، منهنجي خلاف نيب اڄ تائين ڪوبه ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو. جڏهن ته روزاني جي بنياد تي ڪيس جي ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي هئي، اپيل کي شروع ٿيندي هڪ سال گذري ويو آهي پر نيب ان کي ڊيگهه ڏئي رهيو آهي. ڪيس بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ چيو پئي ويو ته روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي پر هاڻ نيب وٽ ڪوبه جواب نه آهي. ڪڏهن نيب کي ڪورونا ٿي ٿو وڃي، اصل ۾ هنن وٽ ثبوت نه آهن ڇو ته جيڪڏهن ثبوت هجن ها ته 10 مهينن ۾ هو عدالت ۾ پيش ڪن ها، اڄ به ٻڌڻي ۾ وڪيل ناهن آيا. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته جسٽس اطهر من الله کان درخواست آهي جيڪڏهن نيب وٽ ثبوت آهن ته سزا ڏيو، ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندس ته اهڙي طرح مريم بنام اسٽيٽ جا آواز لڳائين. شاهديون پيش ڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته نيب پاسو وٺي نڪري ويندي آهي. نيب ڄاڻي واڻي ڪيس کي ڊيگهه ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن اوهان وٽ منهنجي خلاف ثبوت نه آهن ته عدليه نيب جي ان زيادتي جو نوٽيس وٺي ۽ جيڪڏهن نيب وٽ ثبوت آهن ته عدالت ۾ پيش ڪري. نيب جيڪڏهن ثبوت نٿو آڻي سگهي ته ان کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي. مريم نواز چيو ته عمران خان جي شڪل ۾ پاڪستان خلاف سازش ٿي. جيتري عمران خان پاڪستان خلاف سازش ڪئي ايتري ته سموري دنيا جا ملڪ به نٿا ڪري سگهن. هنن جي ڪارڪردگي زيرو آهي ان لاءِ هنن کي خط ۽ سازش جي ضرورت پوندي آهي. جنهن ماڻهو دوست ملڪن کي دشمني طرف ڌڪو ڏنو اهو ملڪ جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو.مريم چيو ته هي اڄڪلهه پنهنجي ئي آندل مهانگائي خلاف پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ ڊالر تي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هي پهريان 189 تي پهچندڙ ڊالر جو جواب ته ڏين. عوام کي خبر آهي ته مهانگائي اوهان جي ڪري آهي. جڏهن ڪنهن اناڙي کي آڻي ويهاريو ويندو ته اهو اهو ائين ئي ڪندو. عمران خان ويندي ويندي پاڪستان جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي باهه ڏني. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته مهانگائي جو چورن هاڻ نه وڪامندو. جڏهن ته ن ۽ ش هڪ ئي پارٽي آهي.بدترين انتقام جي باوجود ن ۽ ش هڪ آهن. ش به ن آهي. هن چيو ته اسان آئيني طريقي سان هنن کي گهر اماڻيو آهي ۽ اتحادين جي حڪومت گهٽ وقت ۾ فيصلا نٿي ڪري سگهي هلندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ چونڊون ئي واحد حل آهي. عمران خان جعلي ووٽن ذريعي چونڊجي آيو. پر اسان پوءِ به کيس آئيني طريقي سان گهر اماڻيو آهي. هنن کي جڏهن اقتدار ويندي نظر آيو ته اڄ ڪو مير صادق ته ڪو مير جعفر بڻجي ويو.










