فواد چوهدري جو حڪومتي ناڪامي جو اعتراف عمران خان کي وڏو ڌچڪو

فواد چوهدري جو حڪومتي ناڪامي جو اعتراف عمران خان کي وڏو ڌچڪو

تحرير الله وسايو گهوٽو

فواد چوهدري هڪ بيان ڏنو آهي جنهن ۾ هن حڪومت جي ناڪامي جو اعتراف ڪيو آهي  چند ڏينهن پهريو ن هن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته حڪومت اليڪشن کان پهريان عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا سي حڪومت پورا نه ڪري سگهي آهي ۽ تازي ڏنل بيان ۾ هن چيو آهي ته حڪومت انصاف ڏيڻ واري نظام ۾ اصلاحات آڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي جنهن جي  وجهه جي  ڪري ڪرپشن به وڌي آهي ۽ اهو تاثر به وڌيو آهي .وفاقي وزير جي عوام جي سامهون اهڙي قسم جو بيان ڏيڻ حڪومت ّلاف اهڙي ان کان وڌيڪ ڪا چارج شيٽ نه ٿي سگهي ٿي .فواد چوهدري مشهور آهي ته هو کليل ڳالهائيندو آهي ۽ حق سچ جو ڳالهايون کلي ڪندو آهي هو ڪيبنيٽ ۾ به چوندو رهيو ۽ هن اهو به ٻڌايو آهي ته وزير اعظم بار بار چوندو رهيو آهي ته انصاف جي نظام م بهتري آڻيو انصاف جي قانون ۽  نظام  ۾ اصلاحات آڻيو ليڪن اصلاحات تي ڪم نه ٿيو آهي. فواد چوهدري جو بيان اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن  اپوزيشن جي انتهائي مخالفت با وجود حڪومت جسٽس (ر) عظمت سعيد کي براڊ شيٽ جي جاچ ڪميٽي جو چيئرمين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي  ۽ اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل ڇپيل نه آهي ته جڏهن 2000 ۾ نيب براڊ شيٽ سان معاهدو ڪيو هو ته ان وقت هي ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب هو ته هاڻي جڏهن نيب جي خلاف ڳالهه ٿي رهي آهي براڊ شيٽ جي خلاف ڳالهه ٿي رهي آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پنهنجي خلاف ڪيس ۾ پاڻ جج ٿي وڃي اهو ڪنهن جج جي لاءِ لمهه فقريهه هوندو آهي جيڪڏهن ڪا پارٽي جج تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي آهي ته اهو ان بينچ کان به الڳ ٿي ويندو آهي ليڪن هتي ته معاملو ڪجهه الڳ آهي نه ڪنهن کي فرق پئي ٿو ۽ حڪومت ايتري ڊيٺ ٿي وئي آهي جو ڪنهن جي نه ٻڌي رهي آهي . ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي  ان رپورٽ  کي تفصيل سان پڙهجي ته ان ۾ ڪرپشن فري ٽاپ 20 ملڪن جي لسٽ ۾ ڪنهن به مسلمان ملڪ جو نالو نه آهي 50 کان وڌيڪ مسلمان ملڪن جي جيڪا  او آءِ سي  تنظيم آهي هي ان لاءِ به لمهه فڪريه آهي ان ليسٽ ۾ 21 نمبر تي گهٽ ڪرپشن واري ملڪن جي لسٽ ۾  يو اي ايِ   جو نالو آهي. چار ڪرپٽ ترين ملڪن جا جيڪي نالا آهن اهي به چارئي مسلمان ملڪ آهن جنهن ۾ جنوبي سوڊان سوماليا شام ۽ يمن شامل آهن . عمران خان چوندو آهي ته آءُ ايماندار آهيان جيڪڏهن ايماندار آهي ته ڪرپشن ڪيئن وڌي . ڪرپشن رڪجڻ ته ٻي ڳالهه آهي اگر ڪرپشن رڪجي وڃي ها ته اهو تمام سٺو قدم هو پر اڃان ڪرپشن وڌي آهي ۽ اها ڳالهه ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪئي آهي ۽ وڏي ڊٺائي سان وزير ڇئي رهيا آهن ته اها ڊيٽا مسلم ليگ ن جي دور جي آهي ايمانداري جي ڳالهه ڪجي ته اٽي ۽ کند اسڪيندل ۾ انهن جيڪا ڪميشن ٺاهي ان ۾ وزيرن ۽ مشيرن جا نالا آيا ليڪن ڪاروائي ڪنهنجي خلاف به نه ٿي . هن حڪومت ۾ بجلي گيس پيٽرول ڊيزل کان وٺي کاڌي پيتي جي هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي  غريب وڃي ته وڃي ڪاڏي مديني جي رياست ٺاهڻ جو نارو هڻندڙن پاڪستان کي ڪوفو بڻائي ڇڏيو آهي هن حڪومت ۾ جيڪي وزير ۽  مشير آهن سڀ پيرا شوٽر آهن جيئن ئي حڪومت ختم ٿي ته اهي اڏامي هليا ويندا.سياسي مخالفت  پنهنجي جاءِ تي ان جي ڪري ملڪ جي تباهي نه ڪرائجي اسان جي قومي ادارن يا اسٽيبلشمينٽ کي سوچڻ گهرجي ۽ اهڙي نا احل ڪرپٽ حڪومت کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ گهرجي .

پهنجو تبصرو موڪليو