عورت تشدد ڪيس، مڙس ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

عورت تشدد ڪيس، مڙس ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي سيشن ڪورٽ ۾ هڪ عورت تي گهريلو تشدد خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران، عدالت مڙس ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي.مدعي جي وڪيل جو چوڻ آهي ته عورت تي ڏاج ۽ گهريلو معاملن تي تشدد ڪيو ويو، عدالت سڀني جوابدارن جي باضابطه ٽرائل شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت جو چوڻ آهي ته پوليس ايندڙ ٻڌڻي تائين جاچ رپورٽ پيش ڪري، ۽ عورت ڪيس ۾ شاهدن جي فهرست عدالت ۾ پيش ڪري.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو