سيد زوار حسين شاه
برحال پاڪستان ۾ جيڪو ٿي رهيو آھي مان سمجهان ٿو ته عوام دشمن فيصلا آھن , عوام دشمن فيصلا نامنظور نامنظور ڪيون ٿا عوام دشمن پلاننگ بند ڪئي وڃي , پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان جي اڳيان آهي ، عوام مٿان مهنگائي جا بم ڪيرائي مسڪرائي پيغام پيا ڏين ته ڪجهه به ٿئي غريبن کي مهنگائي ڪري ماري ڇڏينداسين ، انتهائي ڏک جي ڳالهه اها آهي برحال مان سمجهان ٿو ته هن وقت عوام کي اڳتي اچڻو پوندو ، مهنگائي عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو ڪو به واپاري بزنيس مين پاڪستان اچڻ لاء تيار ئي ناهي ،معيشت تباهه ٿي چڪي آهي جڏهن ته بار بار غلط فيصلا ڪري عوام کي تباهه ڪرڻ لاء سوچيو ويو آهي ، جڏهن ته پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي جيئن نئين جيڪا به پارٽي ڪامياب ٿئي ان کي حڪومت حوالي ڪئي وڃي جڏهن ته مان عرض ڪيان ته وفاقي حڪومت کي هٿيار ڦٽو ڪري اليڪشن جو اعلان ڪرڻ گهرجي ، مان عرض ڪندس ته هن سڄي سياسي جنگ ۾ فائدو براه راست آصف علي زرداري پ پ پ حاصل ڪري رهي آهي ، مان عرض ڪيان ته ملڪ ۾ بجلي ڪونهي گيس ڪونهي ، پيٽرول جي صورت حال اسان جي اڳيان آهي ، برحال صحافين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ، پاڪستان ۾ جهڙي ريت تذليل عوام جي هن وقت پئي ٿئي شايد ڪڏهن ائين ڪنهن جي ٿي هجي ، پاڪستان جا ڪرپٽ ترين ڪرپٽ مافيه سياستدانن جن مٿان اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيس پيا هلن جن مان 60 فيصد اهي به آهن جن مٿان ڪرپشن جا الزام به آهن اڊيالا جيل جا قيدي به آهن پر عزت به مليل ان ڪري اٿن جو عدالت سڳوري پاران انسانيت جي ناتي ضمانت به مليل آهي جڏهن ته هن وقت به ڪيترن تي فرد جرم لاڳو پئي ٿئي ، سوال هي آهي ته ڇا قانون آئين اها اجازت ڏيئي ٿو ته جيڪو مجرم هجي ان کي ملڪ هائڻ لاء منتخب ڪري وزيراعظم يا وزيراعلي ، يا وفاقي وزير ، يا وزيراعظم يا ڪنهن وزير جو خاص صلاحڪار يا نئي ملڪ هنن جي هٿ ۾ ڏنو وڃي مان عرض ڪندس ته اهڙي قانون آئين جي تشريح ڪرڻ گهرجي مونکي ياد آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مٿان ڪنهن قسم جا به الزام هجن يا ايف آئي آر لاڳو ٿيل هجي ڪيس ثابت به ٿئي ته ان کي سپاهي طور چوڪيدار به بڻائي نه ٿو سگهجي ته پوء هننن مجرمن کي ضمانت شده سياستدانن جي ملڪ حوالي ڪيئن ڪيو ويو آهي ، ملڪ ماٿن بجلي ختم صحت ، تعليم ختم امن امان جي صورت حال خراب جڏهن ته نيب جنهن جي منهنجي نظر م بهترين ڪارڪردگي آهي ان متان ڪرپٽ مافيه جا حمله هڪ فرض شناس ايماندار آفيسر کي بدلي ڪجي يا عهدي تان ئي هٽائي ڇڏجي ، ايف آئي اي جنهن بهترين ڪردار ادا ڪيو ان مٿان به سياسي حمله سمجهه کان ٻاهر آهن جيڪڏهن ڪرپٽ مافيه ڪرپٽ سياستدان هجن يا ڪير به انهن کي جهڙي ريت صحافي برادري بي نقاب ڪيو آهي ، انهن جي همٿ جرئت تي سلام پيش ڪيان ٿو ، سياست ۾ صحافت جوبه اهم ڪردار آهي پر مان عرض ڪندو آهيان ته موت الله سائين جي خاص امانت آهي جيڪا جڏهن چاهي واپس وٺي سگهي ٿو اهڙي صورت حال ۾ جيڪڏهن حق سچ لکندڙ پوء صحافي هجي يا سماج سڌارڪ هجي اهي الله سائن جي اڳيان سرخرو آهي ، مان صحافين کي سلام پيش ڪيان ٿو جن سدائين جان جوکي ۾ وجهي پاڪستان جي بقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ، جڏهن ته جن جن ملڪ کي لٽيو پوء سياستدان هجي ڪامورو هجي ڀوتار هجي يا پير مير هجي ، صحافي هجي يا سماج سڌارڪ هجي انهن کي باضمير صجحافين وائکو ڪري انهن کي عوام اڳيان پيش ڪيو آهي ، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن کي ضمير هوندو ته هو لٽيل دولت واپس ڪرائي خدا پاڪ جي اڳيان سجدو ڏيئي توبه ڪري عهد وفا ڪندو ته آئيندهمان ڪنهن سان ٺڳي نه ڪندس ، فرض شناسي ايمانداري سان ڪم ڪندس ، سياستدان هڪ ٻئي جي ذاتي بغض ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويندا آهن جو پوء انهن جي واسي جو رستو به وسري ويندو آهي ائين پاڪستان ۾ به 74 سالن کان وٺي ٿي رهيو آهي ، پر پاڪستان ۾ جيڪڏهنمان ائين چوان ته وارا بندي ئي ته غلط نه هوندو ، ڪڏهن پاڪستان پيپلزپارتي ته ڪڏهن مسلم ليگ ن ائين ڪم هلندو رهدنو آهي ، جڏهن ته جيڪڏهن وري ٽئين واري وٺڻ واري جي ڳالهه ڪنداسين ته مارشالا صدارتي نظام به گهٽ ناهي ڪئي پر مان اهو به عرض ڪندس ته جڏهن جمهوريت جي چادر اوڙهي سياستدان عوام جي خدمت جي ڳالهه ڪندا اهن ته اهو به صرف ڏيکاء نسورو ڪوڙ هوندو آهي ، عوام جي خدمت جيڪڏهن ٿوري گهڻي ڳالهه ڪيان ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي ڪئي پر پوء به جنهن طرح سان هو سڄي دنيا جي مسلمانن کي گڏ ٿيڻ جي ڪوشس ڪئي ان ۾ ويچاروو هڪ عدالتي حڪم بعد شهيد ڪيو ويو ، جنهن کي سايد ڪڏهن عوام وساري سگهي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ جهڙي ريت سياستدانن غلط پلاننگ ڪري ملڪ کي لٽيو ان کي ته اسان وساري نه ٿا سگهون هن وقت جي صورت حال ڪافي تبديل آهي ، پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو رانديگر جنهن پاڪستانکي ورلڊ ڪپ کٽرائي هڪ تاريخ رقم ڪئي جنهن کان پوء ڪپتان عمران خان جي پوري دنيا ۾ بهترين ساخ عزت وقار ۾ پڻ اضافو ٿيو پر جهڙي ريت پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪم ڏيکاريا اهي اسان جي اڳيان اهن ملڪ اندر ڪرپشن ڪرپشن ڪرپشن جي ڪرڻ جي ڀوتارن جاگيردارن پيرن ميرن ڪرپٽ آفيسرن وزيرن کي مڪمل موقعو مهيا ڪيو ويو پر مان عرض ڪيان ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جي ڪري عوام هن تائين انتهائي بدترين صورت حال مان گذري رهيو آهي ، عوام هڪ ھڀي لاء پريشان آهي ، پيئڻ جو پاڻي به ڪيترن ئي شهرن ۾ ناهي جڏهن ته هاڻ مٿان کان پاڻي بدن ڪري پنجاب مٿان الزام پيا هڻون ته پنجاب پاڻي نه ٿو ڏيئي مان عرض ڪندس ته پنجاب پاڻي اسان يج حصي کان وڌيڪ ڏيئي ٿو پر جيڪڏهن سنڌ اندر ڀوتارن جاگيردارن پيرن ميرن جون زمينون هزارين ايڪڙ آهن جن کي آباد ڪرڻ لاء ڪيترائي طريقا ڳولهي پاڻي کي نهرن مان چوري ڪيون ٿا جنهن جا به اسان جي اڳيان ثبوت موجود آهن اهو ڪريڊيٽ به صحافي برادري جي باضمير صحافين مٿان وڃي ٿو جن کي سلام پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ، جهڙي طر ح سياستداننن ٻنهي هٿن سان ملڪ کي لٽيو تباهه ڪيو اهو اسان کان لڪيل ناهي ، پر رياست پاڪستان جيڪا ماء جهڙي حيثيت رکي ٿي پر هڪ ئي پاڪستان ۾ ٽي قسمن جا قانون آئين ڪم ڪري رهيو آهي ، غريب مڊل ڪلاس لاء مختلف ته امير ترين ظالم چورن لاء زبردست جتي جيڪڏهن اربين روپين جي چوري ڪئي ڪرپشن ڪئي مني لاڻڊرنگ ڪئي وڌيڪ اثاثا ٺاهيا ان کي خير سان بهترين عزات وقار سان ضمانت ملي ٿي وڃي ، پوء مان عرض ڪندس ته جنهنن ڀوتار جاگيردار وٽ هزارين ڏوهاري مجرم خطرناڪ ماڻهون هجن پوء انهن جي خلاف ڪير گواهي ڏيندو ، پر جيڪڏهن ڪو دل ٻڌي به ته پوء ان جي جان مال جي حڦظت ڪير ڪندو ، مان ته اهو عرض ڪندس ته هڪ ٻئي جي بغض ساڙ م هڪ ٻئي خلاف بهتان بازي ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي .










