اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان جي قومي ادارن خلاف شروع ڪيل نفرت انگيز مهم مذمت جوڳي آهي، هن چيو ته آئيني عمل ذريعي نيڪالي مليل عمران خان ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي ۽ قومي ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عمران خان جي تقريرن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته عمران خان جي قومي ادارن تي تنقيد پٺيان فارين فنڊنگ ۽ ڪرپشن ڪيسز جو خوف آهي، انهن ڪيسز ۾ سزا کان بچڻ لاءِ عمران خان قومي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي آصف زرداري چيو ته عمران نيازي اقتدار جي لالچ ۾ سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون آهن، قومي ادارن ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ واريون سندس ڪوششون برداشت نه ڪنداسين، ٻين کي غداري جا مهڻا ڏيندڙ عمران پاڻ مير جعفر ۽ مير صادق وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي










