عمران خان جي نظرثاني درخواستن تي فيصلو محفوظ

عمران خان جي نظرثاني درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: (نيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني بابت هتڪ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي جتي عدالت نظرثاني درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.ياد رهي ته ٽرائل ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو حق دفاع ختم ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ به ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو هو. جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان انهي فيصلي جي خلاف نظر ثاني درخواستون داخل ڪيون ويون هيون جنهن تي اڄ ٻڌڻي ٿي جنهن جي جسٽس عائشه ملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي جنهن کان پوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل علي ظفر دليلن ۾ چيو ته دعويدار جيستائين درخواست نٿو ڏئي تيستائين دفاع جو حق ختم نٿو ڪري سگهجي. اسان جي طرفان اعتراض داخل ڪيا ويا. عدالت اسان کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪمنامو به گڏ رکيو.وڪيل علي ظفر عدالت کي ٻڌايو ته اسان مارچ 2022 ۾ اعتراض فائل ڪيا هئا، آڪٽوبر 2022 ۾ اعتراض ٽرائل ڪورٽ رد ڪري ڇڏيا. وڌيڪ وقت گذري وڃڻ جي بنياد تي عدالت اسان جو حق دفاع ختم ڪيو هو. انهي موقعي تي هن عدالت کان ٽرائل ڪورٽ جو حق دفاع ٻيهر بحال ڪرڻ جي استدعا به ڪئي جڏهن ته شهباز شريف جي وڪيل جي حق دفاع بحال ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو