اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بني گالا کان وزيراعظم آفيس تائين ڪيترو وقت سفر ڪرڻو پيو؟ حڪومت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. سرڪاري دستاويزن موجب عمران خان جي دور حڪومت ۾ هيلي ڪاپٽر تي 98 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، هيلي ڪاپٽر جي هڪ ڪلاڪ جي اڏام تي 2 لک 75 هزار رپيا خرچ اچي ٿو. سرڪاري دستاويزن موجب بني گالا کان وزيراعظم آفيس جو سفر 15 ڪلوميٽر آهي. اهو سفر ڪرڻ لاءِ عمران خان جي هيلي ڪاپٽر تي اچ وڃ تي روزانو 8 لک رپين کان وڌيڪ آهي. ياد رهي ته هيليڪاپٽر جي اڏام تي في ڪلاڪ پوڻا ٽي لک خرچ ٿئي ٿو.











