عليحدگي کان اڳ زال کي ڏنل تحفا واپس نه ٿا وٺي سگهجن

عليحدگي کان اڳ زال کي ڏنل تحفا واپس نه ٿا وٺي سگهجن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ خانداني اپيل تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شادي جي وقت يا عليحدگي کان اڳ زال کي ڏنل تحفو واپس نه ٿو وٺي سگهجي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زال کي شادي جي وقت يا ڌار ٿيڻ کان اڳ ڏنل تحفو واپس ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف شهري ارشد جميل جي درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته شادي دوران ڏنل تحفا زال جي ذاتي ملڪيت بڻجي ويندا آهن.درخواستگذار موجب ماتحت عدالت 2015ع ۾ خانداني ڪيس ۾ ڏاج، سار سنڀال ۽ ٻارن جو خرچ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڏاج جي شين جي لسٽ ماتحت عدالت ۾ نه ڏني وئي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ماتحت عدالت جو فيصلو قانون موجب ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو