عام اليڪشن ۽ سياسي بحران

عام اليڪشن ۽ سياسي بحران

رياض ابڙو
اها ڳالھ مڃون ٿا ته ماضيءَ ۾ جهموريت جي ٽرانزيشن واري عمل ۾ اليڪشن ڪڏهن به متنازعا ناهي رهي ماسوا ڊڪٽيٽرن جي دور جي، جو اسيمبليون جڏهن مدو پورو ڪنديون هيون ته عام چونڊن جو اعلان فورن ٿي ويندو هيو، پر هاڻي واري عام چونڊن جو اعلان متوقع نه ٿو لڳي پوءِ وزيراعظم جي چواڻي ته اسيمبليون پنهنجو مدو ڀلي 8 آگسٽ تي پورو ڪن يا 12 آگسٽ تي پورو ڪن يا 14 آگسٽ تي پورو ڪن پر عام چونڊن جو اعلان اڃان ممڪن نظر نه ٿو اچي يا سڀاڻي ڪو به بهانو ڪري سگهن ٿا ڇو ته هن سرڪار وٽ بهانا هزار آهن ته اهي عام چونڊون هڪ سال پوئتي ڪري سگهن، ان ڪري جو هڪ ته معاشي بحران آ ۽ ٻيو ساڳي جاءِ تي سياسي بحران به وقت سر گهڻا ٿي پيا آهن يا هاڻي پي ٽي آءِ جهڙو ڪو سياسي گروھ به ناهي جيڪو هن سرڪار کي پريشر ڏئي ۽ اهو چورائي ته اليڪشن جي ڊيٽ ڏيو، يا گھٽ ۾ گھٽ ان ڳالھ تي پي ڊي ايم جون سڀ پارٽيون هڪ ئي پيج تي آهن يا هڪٻئي جي صلاح مصلحت ۾ آهن ته اليڪشن ٿئي يا نه ٿئي، پر هتي الميو اهو به آهي ته هر اڳواڻ ۽ هر سياستدان رڳو ويٺو ٿو ڪرسي ڪرسي ڪري يا ويٺو ٿو يا ڦٻان يا ڦٻان ڪري پوءِ اهي سڀ ان ڪري به هڪٻئي جي ها ۾ ها ملايون ويٺا آهن.

يا هڪ ٻي به ڳالھ آ ته دبئي کان وٺي لنڊن جي ڊرائنگ رومز ۾ جيڪي فيصلا ٿين ٿا ته اهي رڳو نون ليگ مائل هجن ٿا معني نون ليگ کي رڳو پنهنجي لڳي پئي آ ته ان ڪري ان ساڳي هَرٻَر ۾ هنن فورن پارٽي جون اندروني چونڊون ڪرائي شهباز شريف کي پارٽيءَ جو چيئرمين نامزد ڪيو ته جيئن مريم نواز جي لاءِ وزيراعظم ٿيڻ جون راهون هموار ٿين ۽ هوڏانهن وري نوازشريف ملڪ اچي پاڻ کي جيل جي حوالي ڪري هڪ نئين سياست رقم ڪندو ڇو ته هو سمجهي ٿو ته رڳو پنجاب جو ووٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو جيل ويندو ته جيئن عمران خان ڏسي ته جيل ۾ ڪجھ به ناهي ٿيندو يا جيڪا جيل فوبيا عمران خان جي ذهن ۾ هئي اها نوازشريف ثابت ڪندو ته وڏا اڳواڻ هميشه جيل وڃي ئي سوڀارا ٿيندا آهن پوءِ چونڊون وري سال کن پوئتي ٿين ته ڀلي ٿين يا جيستائين نوازشريف جيل مان ۽ ٻين الزامن يا ڪورٽ جي ڪيسن مان پاڻ کي آجو ڪرائي وٺي يا جيستائين بنديال پنهنجو مدو پورو ڪري يا جسٽس فائزعيسيٰ سيٽ سنڀالي تيستائين سياسي بحران رهندو.

هن ڀيري پي ڊي ايم ۾ رڳو ڄڻ مولانا فضل الرحمٰن رهجي ويو آ يا مولانا کي دبئي جي ڳالهين کان نون ليگ ۽ پي پي وارا پري رکيون ويٺا هيا ڇو ته پي ڊي ايم وقتي طور پي ٽي آءِ جي سرڪار ختم ڪرڻ جي چڪر ۾ ان ٽائيم تي وڏي جوشيلي ٿي آئي هئي پر هاڻي جهڪي آ ڇو ته ڪرسي ۽ ڪنٽينر ۾ فرق آ، يا مولانا کي انهن ڳالهين کان پري رکڻ به پنهنجي نوعيت جو هن سياسي بحران به آهي يا بحران هجڻ جا انديشا ضرور کڻي ايندو، ڇو جو سڀاڻي اليڪشن اتحاد ۾ مولانا جي حمايت يا پاسي بيهڻ واري ڳالھ به وزندار هوندي يا نون ليگ ۽ پي پي ۾ ڪا ڳالھ هاڻي وچٿري ناهي رهي جنهن مان اها ڳالھ واضع هجي ته اهي ٻئي پارٽيون هڪ پيج تي آهن يا ٿي سگهن ٿيون يا ڪنهن هڪ پوائنٽ تي راضي هجن به، ڇو ته اليڪشن نه ٿيڻ ۾ نون ليگ جو فائدو آ ۽ مهل سان ٿيڻ ۾ پي پي جو فائدو آ، ۽ هاڻي جيڪڏهن نوازشريف پاڪستان آيو ته ڪيسن کي منهن ڏيندو يا پي ٽي آءِ نوازليگ جي لاءِ ميدان خالي نه ڇڏيندي يا اها ٻي ڳالھ آ ته (ممڪنا طور تي) استحڪام پاڪستان وري پي پي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري يا ”ملڪ رياض“ جي ڳوٽ پي پي وٽ ان ڪري به ڪم جي آ ته هو پي ٽي آءِ مان جنم وٺندڙ نئين سياسي پارٽيءَ جو پي پي سان ڪو جوڙ توڙ ڪرائي ۽ پي پيءَ جو پاسو ان ڪري به وزندار هوندو، ڇو ته سياسي مصلحتن ۾ نون ليگ ۽ پي پي اڃان تائين به هڪ ناهن (۽ نه ٿي سگهنديون) ان ڪري ته انهن ٻنهي جا ويسٽيڊ انٽريسٽ الڳ الڳ آهن يا جيڪا خاص ڳالھ آ ته اهي ٻئي هڪٻئي جي طئي ڪيل وزيراعظم جي اليڪشن کان اڳ ۾ حمايت نه ڪندا (۽ نه ڪري سگهندا) اليڪشن کانپوءِ کٽن ڀاڳ، ان ڪري ته پي پي جي نظر ۾ بلاول وزيراعظم آ ۽ نون ليگ جي مريم نواز کي وزراعظم نه چونڊرائي سگهي ته نون ليگ جي لاءِ مسئلو آ، يا ڳالھ اها به ماري ٿي ته نوازشريف اچڻ سان ئي جي جيلن جو منهن ڏٺو يا ڪيسن ۾ ٽائيم زيان ٿي ويس ته وري پنج سال هن جي لاءِ انتظار ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو ڇو ته هن جي پنهنجي نيت ۾ وزيراعظم ٿيڻ به آهي، ان ڪري اسيمبليون ڀلي ٽٽن پر ان کان اڳ اسيمبليون هڪ سال جي مدي جي لاءِ پاڻ ئي بل پاس ڪري وٺنديون ۽ اسٽبلشمينٽ جي پسند جي سرڪار جيڪا ٿي سگهي ٿو ٽيڪنوڪريٽ هجي يا ٿي سگهي ٿو ته جمهوريت هڪ سال جي لاءِ ساهي پٽي ڇو ته معاشي سنگينيون هن ملڪ جي لاءِ الاهي سارا مسئلا کڙا ڪيون ويٺيون آهن جيڪي نبرڻ جا ناهن.
آءِ ايم ايف جو چونڊل نمائندو يا کڻي چئون ته ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ هوندو (يا نه هوندو) ان ڪري ته هي واحد حڪومت آ جنهن جي اپوزيشن ناهي ته پوءِ اهي مشاورت ڪنهن سان ڪندا ڇو ته پي ٽي آءِ هڪ مئل گهوڙو آ ۽ ان ڪري به اهي پنهنجو اسٽانس نه رکي سگهندا ۽ پي ٽي آءِ هڪ اهڙي سُٽ ۾ ڦاٿل آ جو ڪڏهن آجي نه ٿي سگهندي ڇو جو هنن جو شيرازو وکري ويو آ ۽ پارٽي ذريون ذريون ٿي وئي آ، رڳو مٿين ليول تي اسد عمر، شاھ محمود قريشي ۽ پس پرده عمران خان نظر ٿا اچن باقي ڪجھ به ناهي بچيو ته وقتي وزيراعظم جي مشاورت ڪنهن سان ڪندا ان ڪري وزيراعظم يا صدر به اسٽبلشمينٽ جي مرضي ۽ منشا سان ايندو جيڪو امپورٽيڊ هوندو يا جنهن جي لاءِ مشاورت جي ضرورت گھٽ ۾ گھٽ اپوزيشن جي محتاج نه هوندي، پر آرٽيڪل 224 تحت جنهن ڏينهن تي اسيمبلي ٽٽندي ان ڏينهن کان ٺيڪ 60 ڏينهن جي اندر اها وقتي سرڪار ان ڳالھ جي پابند هوندي ته اها عام چونڊون ممڪن ڪري، يا جي وقت کان اڳ اسميبلي تحليل ٿي ٿي پئي، پر سوال وري به رهجي ٿو وڃي ته عام چونڊون پوءِ 60 ڏينهن ۾ ٿينديون يا 90 ڏينهن ۾ ٿينديون يا معاشي بدحالي يا آءِ ايم ايف جي امداد جون ايندڙ قسطون ليٽ ٿيڻ جي صورت ۾ اهي چونڊون وري ملتوي ٿي وينديون يا دير سوير ڪري سگهجن ٿيون يا مورڳو اسيمبليون ٽٽنديون ئي نه يا سال ڍر جي ڪري اها عام چونڊون بجاءِ هن آڪٽوبر ۽ نومبر جي وري مٿئين سال تائين ڪنهن نگران سيٽ اپ ۾ هليون وڃن، يا جنهن سرڪار وٽ ناڻي نه هجڻ جا بهانا هجن يا ڪي اهڙا مسئلا اڀري اچن جن جي ڪري عام چونڊون ملتوي ڪري سگهجن ڇو ته هنن اڳواڻن جي لاءِ ڪرسي کان ڌار ٿيڻ مسئلو يا ڪرسي کانسواءِ رهي نه ٿا سگهن، يا هڪ ٻيو به آپشن آ ته آرٽيڪل 232 تحت ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي لاڳو ٿي وڃي يا رڳو اهو بهانو هجي ته خزانا خالي آهن ان ڪري عام چونڊون ڪيئن ممڪن ڪجن، ڇو ته اها ڳالھ ملڪ جي وڏن صحافين جي واتان به ٻڌي آ يا نوازشريف جو اچڻ به هنن عام چونڊن ۾ تاخير جو سبب بڻجي سگهجي ٿو، يا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان ڳالھ جي پابند هوندي ته اها 90 ڏينهن جي اندر آرٽيڪل 224 جي شق نمبر 2 جي تحت اليڪشن جو اعلان ڪري يا ممڪن ڪري، پر ڪجھ به هجي عام اليڪشن جو مهل تي نه ٿيڻ معاشي بحرانن سان گڏ سياسي بحران به آڻيندو جنهن کي منهن ڏيڻ وري رياست جي لاءِ اڻ ڏٺا مسئلا کڙا ڪندو.
پي ٽي آءِ حڪومت وانگي هن سرڪار وٽ به رڳو قانونن ۽ آرٽيڪلن جي ردوبدل به وڏي اهميت ٿي رکي ۽ ويندي ويندي اليڪشن جو بل به پاس ڪرائي ويندا، جيڪو بل هن هفتي جي آخر ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ چونڊ نمائندن جي اليڪشن جو خرچ قومي اسيمبليءَ جي لاءِ 4 مان وڌائي 10 ملين ڪيو ويندو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ نمائندن جي لاءِ 2 ملين مان وڌائي 4 ملين ڪيو ويندو جو اهي نمائندا جيترو خرچ ڪندا اوترو رياست وري کين واپس ڪندي، يا پي پي ۽ نون ليگ هاڻي اسٽبلشمينٽ جا ”بلو آءِ بوائيز“ ضرور ٿيڻ چاهن ٿا يا اندر ئي اندر انهن ٻنهي جون پاڙون مضبوط آهن يا زرداري صاحب جي ان بيان کي به وزن آهي ته ”جڏهن مان چاهيندس تڏهن عام چونڊون ٿينديون“ ان ڪري اسٽبلشمينٽ هاڻي پي پي ۽ نون ليگ وارن مهرو ڪري هلائڻ ٿا اچن يا سمجهن ٿا ته هاڻي آرمي چيف سميت چيف جسٽس به نون ليگ جو هوندو يا الڪيشن ڪميشن جي حسابن ڪتابن کي به هي ٻئي ڌريون پرکي ويون آهن ته ڳوٽون ڪيئن کيڏجن، عسڪري ادارا به انهن جا ئي آهن، ان ڪري اليڪشن جو اعلان پنهنجي جاءِ تي پر وقت جو تعين ڪرڻ يا ٿيڻ ٻه الڳ الڳ ڳالهيون آهن جيڪي ٿيندي نظر نه ٿيون اچن.

پهنجو تبصرو موڪليو