ساقي ارشاد لورڙ
ڪافي عرصي کان هن سان سوشل ميڊيان جي ڄار ذريعي ڪانڍاپو هيو اڪثر دل چوندي هئي ته ادب دوستن سان ملاڪات ڪجي جنهن ۾ عادل قريشي صاحب لئي ته دل ماندي هئي هن جا غزل پڙهندي جيڪي فني ۽ فڪري حوالي سان ڀرپور لڳندا هيا جن مان هي هڪ غزل اوهان دوستن جي نظر ڪجي ٿو
“غزل”
عادل قريشي
اول پيڙائون پنهنجون يارَ سوچين هان
دنيا جي پوءِ تون پڄاڻ سوچين هان
چَوَنِ ٿا نَئُون نڪورُ آ دورُ هي ليڪن
آئي ڪهڙي آ هنَ ۾ نَواڻ سوچين هان
پُڇين هان پوءِ تون انصاف جي معني’
اڳئين ۾ ڪيتري آ ڄاڻ سوچين هان
وَڃين هان دوست وٽ بيشڪ هلي پَرَ
آ هُنَ ۾ ڪيتري ڪا سُڃاڻ سوچين هان
قُريشيءَ کي تو سمجهيو آ ايڏو سستو
اِها ڀُلَ پاڻ ڪَئي ٿي پاڻ سوچين هان
سو دل چوندي هئي ته کيس هن جي مطالع ۽ مشاهدي کي سندس بياني ٻڌجي ، سو چوندا هن طلب هجي ته ملڻ مشڪل ناهي نيٺ اڄُ صبح منهنجي هڪ ڪلاس ميٽ جاويد ابڙو جي ڪال آئي ۽ هڪ اهم ڪم لئي پاڻ ڏانهن گهرايو ، مون چيو ٺيڪ آ مان اچا ٿو . جڏهن مان اسٽيل ملز موڙ تي جاويد ابڙو صاحب جي آفيس ۾ ويٺي هن سان هڪ اهم مسئلي تي ڳالھ ٻولھ ڪري رهيو هيس ان وقت الائي جي ڪيئن عادل سائين جو نالو دماغ تي چڙهي ويو ۽ مون ڪال ڪري سائين جن سان حال احوال ڪري چيم ته مان اوهان جي ويجهو آهيان اسٽيل ملز موڙ تي ڪنهن دوست سان ويٺو آهيان ۽ اوهان سان روح رهاڻ ڪرڻي آ ،ان وقت هن اهڙي ته ريت فون تي ويلڪم ڪيو جو مان بيان نٿو ڪري سگهان ڇو ته مان هن سان ملڻ جو پروگرام شيڊيول نه ڪيو هيو ۽ مان هڪ وڏي اهم ڪم سان اتي ويل هيم پر جنهن انداز ۾ هن ويلڪم ڪيو ۽ چيو ته ڦٽ بال گرائونڊ تي اچو ته مان منع نه ڪري سگهيس مان جنهن ڪم لئي ويو هيس تنهن کي اتي ئي ختم ڪري سائين ڏانهن نڪري پيس .
مونکي سندس جي آواز ۾ جيڪا اڪير محسوس ٿي سا ڄڻ ته هن کي سالن جي سڪ هجي ،سو مان جاويد کان الوداع ڪري عادل سائين ڏانهن نڪري پيس جڏهن الله ڏنو ۽ مان فٽبال گرائونڊ تي پهتا سي ته سامونهن ئي سائين عادل قريشي اسان جي انتظار ۾ بيٺل هيو ،ان وقت هن جي بيتابي بيقراري انتظاري ڏسڻ وٽان هئي ، ڇا ته هن وٽ محبت هئي جيڪا اسان جون واٽون نهارڻ تي مجبور ڪري رهي هئي هن جي ان محبت تان قربان وڃان جيڪا هن اسان کي ڏني ان جو ڪو مثال ئي ناهي ۽ شايد مثال ملي ڀي نٿو سگهي .سائين سان گڏجي ڪري سندس جي آستاني تي پهتاسي جتي سائين جن اسان جي ڀرپور مهمانوازي ڪئي .اڪثر چوندا آهن محبت اهڙي ته شئي آ جي جتي جنم وٺندي آ اتي ملاڪات جو وقت جيترو ڀي هجي ٿورو لڳندو آ ،
سائين عادل قريشي ۽ مون ۾ اسان ٻنهي ۾ هڪ هڪجهڙائي ضرور هئي اها هئي اسان جو ماضي جيڪو نج پج ڳوٺاڻو جنهن ۾ ڪا به بنا وٽ نه نه سندس شخصيت ۾ نه سندس جي آجيان واري انداز ۾ بس جي هئي ته ڌرتي ۽ ڌرتي وارن لئي محبت ئي محبت جنهن جو ڪو مثال ئي ناهي ،
مون ڪيترائي اديب ڏٺا آهن جن سان روح رهاڻ ڀي ٿي آ تن ۾ مونکي ٻه خاص شيون اڪثر نظر اينديون آهن جنهن ڪري مان انهن کان ڪنارا ڪڇي ڪندو آهيان هڪ ته هو لٻاڙي هوندا آهن ۽ ٻيو بناوٽي سجاوٽي جن سان ته هاڻ ويهندي ملندي ڀي بيقراري وٺي ويندي آ .
پر عادل قريشي واقع عادل آ هو انصاف ڪندڙ آ نه فقط پنهنجي لکڻين ۾ انصاف ڪندي نظر اچي ٿو پر هو حقيقت پسند ڌرتي جي سورن اهڃن تي ڀي نظر رکي ٿو ايتري قدر جو هن جي شخصيت ۾ سمايل پيار ۾ هڪ رَتيءَ جيتري به ملاوٽ ناهي . سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت ۾ ٿيل ڌڙا پندي تي هن جو من ڏاڍو رنجيدا هيو ، هو سنڌي ۽ سنڌ پرست شاعر آ تنهن ڪري هن ڌڙا بندين ڪارڻ ٿيندڙ ادب کي هاڃن تي پريشان رهي ٿو .
اسان جي وچ ۾ علمي ادبي بهس ڇڙيو جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڌڙا بندي تي ڳالهائيندي ۽ اسان جي مشاهدي مطالع کان ويندي ذاتي مصروفيتن واندڪائين ۽ زندگي جي کٽن مٺن لمحن تي اختتام ڪيوسي انهي واعدي وچن سان ته جي زندگي رهي ته ميلا مچائيندا رهنداسي ،
آخر ۾ سائين اسان کي گڏيل ڪهاڻين جو ڪتاب آڪاش منهنجي ٻڪ ۾ تحفي طور پيش ڪيو.










