ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور موبائيل ڪمپني ٽيڪنو پنهنجي مقبول ترين اسپارڪ سيريز ۾ هڪ ٻيو جديد سمارٽ فون شامل ڪري اسپارڪ 8 سي متعارف ڪرايو آهي. اسپارڪ سيريز پاڪستاني مارڪيٽ ۾ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ اسپارڪ 8 سي پنهنجي قسم جو هڪ بهترين اسمارٽ فون آهي. اسپارڪ 8 سي ۾ جديد ڊيزائن کي وڌيڪ پرڪشش بڻايو ويو آهي. ان ۾ شامل آهي هن ۾ 90 هرٽز ڊسپلي ۽ 5000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري موجود آهي. ٽيڪنالاجي کي بهترين طريقي سان استعمال ڪندي ميموري فيوزن جو فيچر پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جي مدد سان 3 جي بي ريم شامل ڪري سگهجي ٿي. اسپارڪ 8 سي چئن رنگن ۾ موجود آهي، جڏهن ته 4+64 ۽ 4+128 ٻن اسٽوريج ورجن ۾ متعارف ڪرايا ويا آهن. 64+4 سمارٽ فون 19499 روپيا ۽ 4+128 اسمارٽ فون 23999 روپيا ۾ موجود آهي.










