ضمني چونڊ، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ووٽ ڪاسٽ نه ڪندي

ضمني چونڊ، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ووٽ ڪاسٽ نه ڪندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن سينيٽ جي ضمني چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سينيٽ جي 6 سيٽن تي ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي، سينيٽ جون اهي 6 سيٽون تازو ٿيل چونڊن ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز خالي ڪيون هيون.قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، ٽنهي ايوانن جا ميمبر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، پولنگ شام 4 وڳي تائين جاري رهندي.مولانا عبدالغفور حيدري قومي اسيمبلي ۾ پهريون ووٽ ڪاسٽ ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي جي ميمبر انوشا رحمان، پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش لال ۽ شهلا رضا پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪيا.ميمبر قومي اسيمبلي عامر ڊوگر ۽ موسيٰ گيلاني پارليامينٽ هائوس پهچي ويا آهن.ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ عذرا پيچوهو سنڌ اسيمبلي جي سينيٽ جي سيٽن تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو. بلوچستان مان سينيٽ جي 3 سيٽن تي ضمني چونڊ لاءِ 3 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا.اسلام آباد جي 1، سنڌ جي 2 ۽ بلوچستان جي 3 سيٽن تي ضمني چونڊون ٿينديون اسلام آباد جي 1، سنڌ جي 2 ۽ بلوچستان جي 3 خالي سيٽن تي ضمني چونڊ ٿي رهي آهي. سينيٽ جون اهي سيٽون يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري، نثار کهڙو، ڄام مهتاب، پرنس احمد عمر ۽ سرفراز بگٽي جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿيون.اسلام آباد مان سني اتحاد ڪائونسل جو الياس مهر ۽ پيپلز پارٽي جو يوسف رضا گيلاني اميدوار آهن.پيپلز پارٽي جي اميدوار يوسف رضا گيلاني جو پولنگ ايجنٽ علي موسيٰ گيلاني ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار الياس مهربن جو پولنگ ايجنٽ ملڪ عامر ڊوگر آهي.سنڌ مان سينيٽ جي ضمني چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي ڄام سيف الله خان ۽ محمد اسلم ابڙو جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي نذيرالله ۽ شازيه سهيل اميدوار آهن.بلوچستان مان سينيٽ جي 3 خالي سيٽن تي 7 اميدوار ميدان ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو