شهباز گل جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٻيهر ملتوي

شهباز گل جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٻيهر ملتوي

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي. پوليس شهباز گل ڪيس جو رڪارڊ اڄ به عدالت ۾ پيش نه ڪيو، عدالت پوليس کي سومر تائين رڪارڊ پيش ڪرڻ جو آخري موقعو ڏنو آهي.ايڊيشنل سيشن جج طاهر محمود سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو، جنهن تي پوليس اختيارين ٻڌايو ته جاچ آفيسر سان رابطو ڪيو ويو آهي پر هو اڃا تائين نه آيو آهي.عدالت پوليس اهلڪارن کان پڇاڻو ڪيو ته جاچ آفيسر سان رابطو ڪري پوءِ ٻڌايو وڃي.پوليس اهلڪارن چيو ته عدالتي حڪم تي معلوم ڪري ٻڌائينداسين.پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته هاڻ رڪارڊ پيش ڪيو وڃي ته به دليل نه ٿو ڏئي سگهان، مان به رڪارڊ ڏسڻ چاهيان ٿو، اڃا تيار ناهيان.پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته ڪيس سومر تائين رکو، پيش ٿينداسين.وڪيل شهباز گل چيو ته پوليس مسلسل دير ڪري رهي آهي، اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. جج طاهر محمود سپرا رمارڪس ڏنا ته پوليس کي آخري موقعو ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو