شهباز ڪشمير۾ ريفرينڊم جي تجويز رد ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اڳواڻ ميان شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ ريفرنڊم ڪرائڻ واري وزيراعظم عمران خان جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.  وزيراعظم عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عمران نيازي آزاد ڪشمير ۾ ريفرنڊم جي ڳالهه ڪري پاڪستان جي تاريخي ۽ آئيني موقف کان انڪار ڪري رهيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي تاريخي موقف ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪوسنل جي قراردادن سان هٽي ڪري موقف کي پوري قوم رد ڪري ٿي، شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته عمران نيازي جي بيان سان خدشا ثابت ٿيا آهن، جيڪو 5 آگسٽ 2019 جي ڀارتي قدمن سان قوم جي سامهون پهريان اچي چڪا، ڄمون ڪشمير جو تڪرار جو فيصلو گڏيل قومن جي نگراني ۾ شفاف، آزادانه رائي سان ٿيندو، پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام جو اهوئي موقف آهي، هن چيو آهي ته ڪشميرين جي مرضي ۽ مشاورت جي بغير ڪوئي حل ان تي مسلط ڪرڻ ڀارت جي مدد ڪرڻ ۽ ڪشمير ڪاز کان غداري جي برابر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو