شانگله ۾ برسات جاري، گهر تي کنوڻ ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت

شانگله ۾ برسات جاري، گهر تي کنوڻ ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت

سوات: (ويب ڊيسڪ) شانگله سوات ۽ بونير ۾ کنوڻ سان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. موسميات کاتي ٻوڏ جو امڪان به ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. شانگله ۾ برسات دوران گهر تي کنوڻ ڪرڻ سبب 3 قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿي ويون. ريسڪيو اختيارين موجب اهو واقعو شانگله جي تعلقي الپوري ۾ پيش آيو جتي اوچتو کنوڻ گهر جي مٿان ڪري.ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته گهر تي کنوڻ ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ مڙس، زال ۽ هڪ ٻار به شامل آهي. متاثر ماڻهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ڊاڪٽرن ٽنهي ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو