سينيٽ جي چونڊ، مريم نواز کي ڪهڙو اشارو ؟

سينيٽ جي چونڊ، مريم نواز کي ڪهڙو اشارو ؟

ليکڪ، سيد زوار حسين شاهه                              

 جيڪڏهن پاڪستان جي سياست يا سياستدانن تي هڪ نظر وجهنداسين ته صرف عوام جي ابتي کل لاهڻ جي ڪوشس ڪئي وئي آهي نه صحت جي سهولت ملي نه تعليم نه امن امان، پر جنهن طرح سان تاريخي مهنگائي ٿي آهي اها به اسان جي اڳيان آهي ، جڏهن به جنهن ۾ جيڪڏهن اليڪشن ۾ ڪاميابي به حاصلم ڪري ٿو ته شڪست کائيندڙ ڪامياب ٿيڻ واري کي ڪڏهن به تسليم ناهي ڪيو ، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت به حالات خراب نظر اچي رهيا آهن ، جڏهن ته مريم نواز صاحبه جيڪا پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر آهي ۽ هو پنهنجي پارٽي جي ليڊ ڪري رهي آهي  اهو ئي سبب آهي جو ڪپتان ٿوري دير لاء پريشان مان ضرور ڏٺو  هاڻ ڇا ڪو سخت فيصلو ٿيڻ وارو آهي ، ان ڪري هاڻ عجيب غريب ڳالهيون ٻڌڻ م اچي رهيون آهن ، سنيٽ چونڊن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان اها رٿ پيس ڪئي اهي ته  ووٽ هٿ بلند ڪري اوپن هينڊ ورتو ويندو ، مان عرض ڪيان ته هڪ ڳالهه ته ٿيندي ته ڪروڙين روپين تي وڪرو ٿيندڙ چونڊيل نمائيندن هاڻ ڪنهن کان به پيسا نه وٺي سگهندا جنهن پليٽ فارم تي هو ڪامياب ٿي اچن ٿا ، پوء هو لڪي به ووٽ ڪنهن کي نه ڏيئي سگهندو ، اهڙي طرح سان   نه ئي پيسا هلندا نه ئي ڪا  ڪرپشن ٿيندي . پاڪستان مسلم ليگ نواز جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سينيٽ اوپن بيلٽ جي حمايت جي لاءِ عمران خان جي وڏن جا فون پيا اچن پر اسان انڪار ڪري ڇڏيو. مظفر آباد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي سان مريم نواز خطاب ڪندي چيو ته راجا فاروق حيدر چوي ٿو ته عمران خان جو نالو نه وٺو، ٻڌو آهي ڪوٽلي ۾ اڄ عمران خان اچي رهيو آهي، هو اڄ ڪشميرين جي لاءِ ڪهڙي پيغام پيو کڻي اچي؟ وزير اعظم کي ڊپ آهي ته ڪٿي ماڻهو سندس ڳچي نه پڪڙن، هڪ ته هونئن ويچارو هڪ جلسي جي وڃڻ جي لائق ناهي رهيو، ڪشمير ڪهڙي منهن سان ايندو. مريم نواز چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ملڪي مفادن ۽ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان هڪ آهي، ڪجهه حقيقتون اهڙيون آهن جنهن جو جواب عمران خان ۽ هن جي ايندڙن کي ڏيڻو پوندو، ڇو هڪ تابعدار بڻجي پاڪستان کي ٻاهرين ۽ اندرين محاذ تي ڪمزور ڪيو؟ پاڪستان ۾ چار ڀيرا آمراڻي حڪومت رهي آهي، ڪنهن ڊڪٽيٽر جي دور ۾ ڀارت کي همت ناهي ٿي جو ڪشمير پنهنجي نالي ڪري سگهي، عمران خان جواب ڏئي ته ڪشمير جي هٿان وڃڻ کان پوءِ به حڪومت بي وسي جي تصوير ڇو بڻي، ٻن منٽن جي خاموشي توهان جي مجرماڻي خاموشي آهي، عمران خان ڪشميرين لاءِ آواز اٿارڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيو، هن جي پرڏيهي پاليسي ڪاٿي آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته اهڙي شخص کي ملڪ تي ڇو مڙهيو ويو جيڪو سليڪٽڊ آهي ۽ عوام کي جمهوري حڪومت کان ڇو محروم ڪيو، مودي جي ڪاميابي جون دعائون ڪنهن گهريون هيون، عمران خان چيو هو ته مودي ايندو ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو، جڏهن ڪشمير کي توهان جي آواز جي ضرورت هئي ته جتي جي وزير اعظم خلاف غداري جي ڪيس ڪرائي رهيا هئا. مريم نواز چيو ته عمران خان عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي تي ڇو هڪ به ٺهراءُ منظور نه ڪرائي سگهيو، ووٽ چوري ذريعي ايندڙ حڪومت عوام کي جوابده ناهي هوندي، ڀارتي وزير اعظم اعلان لاهور تي چيو ته ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، نواز شريف کي وقت ملي ها ته اڄ ڪشمير آزاد هجي ها. ن ليگ جي نائب صدر جو چوڻ هو ته جڏهن عمران خان کان مخالف ڌر سنڀالي ناهي ويندي ته هو پنهنجي وڏن کي فون ڪري چوي ٿو ته ٿورو مخالف ڌر کي ٺپڪي هڻو، اڄ ڪلهه ن ليگ کي عمران خان جي وڏن طرفان فون پيا اچن ته توهان جي وڏي وزير ۽ توهان کي الله جو واسطو سينيٽ ۾ شو آف هينڊز جي قانون سازي جي لاءِ عمران خان جو ساٿ ڏيو، ان تي مون ۽ نواز شريف جواب ڏنو ته اسان جون سينيٽ چونڊون وڃن ٿيون ته ڀلي وڃن، هن ڪوڙي حڪومت سان گڏ ويهي ڪو ڪم ناهي ڪرڻو. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته آئون عمران خان کي سياستدان چوان ٿو ته اِهو مون کي خراب ٿو لڳي. مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جيستائين پاڪستان ۾ عوام جي حڪومت هئي ڀارت کي همت نه هئي جو هو ڪشمير کي صوبو بڻائي، جيستائين آئون ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيس هندوستان کي جرئت نه ٿي، پر وري عمران خان جهڙو سياستدان آيو جنهن دعا ڪئي ته الله مودي کي ڪامياب ڪري ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو، آئون عمران خان کي سياستدان ٿو چوان ته اِهو مون کي خراب ٿو لڳي. پي ڊي ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هڪ ڌانڌلي جي حڪومت آهي، هن گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي ڪرائي اسان ان کي نٿا مڃون، هن پاڪستان کي ڇا ڏنو جيڪو ڪشمير کي ڏينداسين، ڪشميريو جيڪڏهن توهان هنن جو ساٿ ڏنو ته هي اُهو ئي حشر ڪندا جيڪو پاڪستان جو ڪيو، هتي اُهي ئي ماڻهو ڌانڌلي حڪومت سان گڏ هئا جيڪي پهرين ڪنهن ٻي پارٽي جا ميمبر هئا، هن پهرين به پنهنجي وفاداري تبديل ڪئي، اُهو ووٽ جو حقدار ڪيئن هوندو، توهان ڪنهن طاقت کي اجازت نه ڏيو ته توهان فيصلا ڪيو، هڪ ناجائز حڪومت کي ڪشميرين جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته آئون اڄ به سمجهان ٿو ته گلگت بلتستان هجي يا آزاد ڪشمير هجي ان جو ٻار ٻار پاڪستاني آهي پر عالمي حيثيت کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن گلگت بلتستان بڻايو وڃي ٿو ته اِهو 1949ع جي ٺهرائن جي خلاف آهي، توهان هنن کي روزگار مهيا ڪيو ڪنهن کي اعتراض ناهي ڪشمير مسئلي جي سياسي حيثيت کي تبديل ڪرڻ ڪشميرين سان غداري آهي ، برحال مان عرض ڪيان ته عوام ڪافي مشڪلاتن مان گذري رهيو آهي هان گهٽ م گهت سياستدان رحم ڪن ، جيڪڏهن اڃان به عوام کي وڌيڪ اذيت ڏني وئي ته پوء تڪليف ٿيندي ان ڪري سڀ کان پهريان عوام جي خدمت ٿيڻ گهرجي جهوريت تان ويساهه ختم ٿيندو پيو وڃي ، ان ميڊم مريم نواز کي اهڙيون ڳلاهيون پردي پويان لڪائي پيش نه ڪرڻ گهرجن  جيڪا ڳالهه هجي اها صاف ۽ ڪليئر هئڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو