سياسي ۽ معاشي بحران، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي

سياسي ۽ معاشي بحران، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) پاڪستان ۾ سياسي افراتفري ۽ معاشي بحران سبب سومر تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي رهي. 100 انڊيڪس 432 پوائنٽ گهٽ رهي ۽ بينچ مارڪ 40 هزار انڊيڪس کان به گهٽ رهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ خريدار تمام گهڻو محتاط آهن ۽ ڪاروباري واليوم تمام گهٽ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم ۾ سياسي معاملن جو حل نه نڪرڻ، پنجاب اسمبلي ۽ ڪي پي اسمبلي جي ٽٽڻ وارين خبرن، آءِ ايم ايف پاران معاملا لٽڪيل هئڻ، پرڏيهي ڪرنسي جا ذخيرا تمام گهٽ ٿيڻ سبب ملڪ ۾ هلندڙ معاشي بحران سبب سيڙپڪار ڊنل آهن. اهو به خدشو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ 23 جنوري تي پاليسي ريٽ ۾ اضافي جو به خدشو آهي. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ساڍا چار ارب ڊالر آهن جيڪي 2014 بعد تمام گهٽ سطح آهي. بندرگاهه تي هزارين ڪنٽينرز ڦاٿل آهن ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڊالر جاري نه پئي ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو