عباس مهڪري
اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي اتحادي جماعتن جا خدشا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان حڪومت جي ذميدارن اتحادي جماعتن جي رهنمائن سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي، حڪومت کي گهرجي ته اها مخالف ڌر جي سياسي جماعتن سان ٽڪراءُ جي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪري، ڇوته پاڪستان جون موجوده حالتون سياسي عدم استحڪام ۽ سياسي ٽڪراءُ جون متحمل نٿيون ٿي سگهن.
تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جي خلاف مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جو پلان سي شروع ٿي چڪو آهي، پلان اي تحت لانگ مارچ ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي ۾ مولانا فضل الرحمان پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، پلان بي تحت رستا بلاڪ ڪرڻ جو سياسي طريقو به انتهائي ڪارگر رهيو، هاڻ پلان سي ۾ جي يو آءِ (ف) سان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سميت گڏيل مخالف ڌر جون ٻيون جماعتون به پهرين کان وڌيڪ شرڪت جو اشارو ڏئي رهيون آهن. پلان اي ۽ بي ۾ اختيار ڪيل حڪمت عملي سان متحده اپوزيشن جي ڪيترن ئي جماعتن کي اختلاف هئا پر پلان سي تي هو گهڻيون متفق نظر ٿيون اچن. جنهن تحت پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اهو چئي سگهجي ٿو ته حڪومت جي خلاف مخالف ڌر جي احتجاجي تحريڪ نه رڳو شروع ٿي چڪي آهي بلڪه اها تحريڪ جاري رهڻ جون حالتون به پيدا ٿي چڪيون آهن. اها تحريڪ ڪهڙو رُخ ٿي اختيار ڪري، ان جو دارومدار حڪومت جي سياسي پاليسين تي آهي ۽ ڪا غيرمتوقع صورتحال به پيدا ٿي سگهي ٿي.
جيڪي ماڻهو اهو چون ٿا ته مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ بنا نتيجي ختم ٿي رهيو آهي، اهو شعوري يا لاشعوري طور تي حالتن کان اکيون ٻوٽي رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان ڪا سياسي مهم ناهي هلائي، هن گهڻو سوچي سمجهي ايتري وڏي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو، جيڪو هن پنهنجي سياسي زندگي ۾ پهرين ڪڏهن نه ڪيو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سندس آزادي مارچ جي ڪنهن مخالفت نه ڪئي، ايتري تائين جو حڪومت جي اتحادين به تحريڪ انصاف جي بيان کان انڪار نه ڪيو. مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري عوام جي وڏي اڪثريت ڪنهن نه ڪنهن حد تائين جي يو آءِ (ف) ۽ اتحادي جماعتن جي احتجاجي تحريڪ جي حمايت ڪئي. جيتوڻيڪ عوام جي ڪجهه حلقن جي ان احتجاجي تحريڪ ۾ ڀرپور شرڪت نه هئي پر ان تحريڪ جي ڪٿي نه ڪٿي موثر مخالفت به نه آهي. ان تحريڪ جا اثر ڪجهه عرصي ۾ سامهون ايندا، ڇوته عوامي سطح تي تمام گهڻي سياسي بي چيني آهي. انهيءَ صورتحال ۾ تحريڪ جي حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي عددي طاقت ۽ چونڊيل ايوانن کان ٻاهر پنهنجي سياسي مقبوليت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. جمهوري ۽ سياسي نظام ۾ اهي ٻئي عمل اهم هوندا آهن، انهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. تحريڪ انصاف کي ايوان ۾ قطعي اڪثريت حاصل ناهي، ان جي حڪومت اتحادي جماعتن جي ووٽن تي قائم آهي، اها ڳالهه به محسوس ڪئي وئي ته مخالف ڌر جي احتجاجي تحريڪ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعتن پنهنجي خدشن جو کُلي نموني اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ (ق)، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)، ايم ڪيو ايم پاڪستان، بي اين پي (مينگل) ۽ ٻين اتحادي جماعتن ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو، اهو ئي سبب آهي ته تحريڪ انصاف اتحادين جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اتحادي جماعتن سان ڳالهين ۾ حڪومت کي پتو پئجي ويندو ته حالتون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن ۽ سياست ڪهڙي نموني ڪم ڪري ٿي. اتحادين کي راضي ڪرڻ نه رڳو حڪومت لاءِ ضروري آهي بلڪه حڪومت کي سياسي دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ به اهو لازمي آهي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت اتحادين جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ٿي تڏهن به مخالف ڌر سان سياسي ٽڪراءُ جي پاليسي ان لاءِ فائديمنڊ نه هوندي. حالتون اهي ناهن، جيڪي عام چونڊن بعد هيون، پاڪستان جي سياست تمام گهڻي ڳنڀير آهي، جيڪي سياستدان اهو سمجهندا رهيا ته حالتون هميشه انهن جي حق ۾ رهنديون، ڇوته طاقتور حلقا انهن سان گڏ آهن.، اهي ئي سياستدان اڄڪلهه مشڪل حالتن ۾ گهيريل آهن. تنهن هوندي به حڪومت لاءِ اهو ضروري آهي ته ان کي اتحادين سان مفاهمت سان گڏوگڏ مخالف ڌر سان ٽڪراءُ واري پاليسي کان پاسو ڪرڻو پوندو، معاشي بحران ۽ عوام ۾ سياسي بي چيني سميت علائقائي ۽ بين الاقوامي حالتن کي به اڳيان رکڻو پوندو.










