سوات: گهر مٿان لينڊ سلائيڊنگ سبب 2 ڄڻا فوت

سوات: گهر مٿان لينڊ سلائيڊنگ سبب 2 ڄڻا فوت

سوات (ويب ڊيسڪ)سوات جي علائقي مدين ۾ هڪ گهر مٿان لينڊ سلائيڊنگ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب ملبي هيٺان دٻيل 3 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف چترال ۾ گذريل ڏينهن تيز برساتن سبب چترال درياهه، مستوج درياءَ ۽ لاکوه درياءَ ۾ سخت ٻوڏ اچي وئي ۽ طوفاني برساتن سبب ڪيترائي گهر ٻڏي ويا.چترال درياهه جي ڪنارن تي مختلف ريسٽورنٽن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو.ڳڙهي ياسين جي علائقي ۾ مختلف هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ سبب اسڪول، گهر، روڊ، وڻ ۽ فصل متاثر ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو