ليکڪ: ارباب امبرين
سنڌ صوفين، عشق، امن، رواداري ۽ انسان دوست فڪر جي ڌرتي آهي. هتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن ۽ مفڪرن محبت، آزادي، برابري ۽ انساني عزت جو پيغام ڏنو. پر افسوس، ساڳي ڌرتيءَ تي اڄ به “ڪارو ڪاري” جهڙي جاهلاڻي رسم جي نالي تي بيگناهه جانيون ورتيون وڃن ٿيون. هي رسم رڳو عورت خلاف ظلم نه، پر سڄي سماج جي اخلاقي شڪست آهي.
“ڪارو ڪاري” کي اڪثر غيرت سان جوڙيو وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ ان جو غيرت سان ڪو واسطو ئي ناهي. غيرت عزت بچائڻ جو نالو آهي، ڪنهن جي جان وٺڻ جو نه. جڏهن ڪنهن عورت يا مرد کي بنا ثبوت، بنا عدالت، بنا قانون قتل ڪيو وڃي ٿو، ته اهو رڳو قتل هوندو آهي، غيرت نه.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ عورت کي ڪمزور نه، پر همت، سچائي ۽ مزاحمت جي علامت بڻايو. سندس ست سورميون ــ مارئي، سسئي، سهڻي، مومل، نوري، ليلا ۽ سورٺ ــ سنڌي سماج ۾ عورت جي عظمت، وفاداري، جرئت ۽ خودداري جو نشان آهن.
مارئي پنهنجي ڌرتي ۽ اصولن تان نه وڪامي. سسئي جبلن، ريگستانن ۽ ڏکن مان گذري پنهنجي عشق ۽ سچائي لاءِ وڙهي. سهڻي درياهه جون لهرون چيري پنهنجي منزل ڏانهن وڌي. اهي ڪردار ٻڌائن ٿا ته سنڌ جي اصل روايت عورت کي قتل ڪرڻ نه، پر عزت ڏيڻ، همت سمجهڻ ۽ ساڻس برابري وارو سلوڪ ڪرڻ آهي.
سچل سرمست انسان کي ذات، نسل، مذهب ۽ جنس کان مٿانهون ڏٺو. شيخ اياز جديد دور ۾ ظلم، جبر ۽ اوندهه خلاف آواز اٿاريو. استاد بخاري مظلومن جي درد کي شاعري جو موضوع بڻايو. تنوير عباسي محبت، شعور ۽ روشنيءَ جي ڳالهه ڪئي. اهڙي فڪر واري ڌرتيءَ تي “ڪارو ڪاري” جهڙي رسم جو ڪو اخلاقي جواز ناهي.
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ اڄ به ذاتي دشمني، زمين جي تڪرار، زبردستي شادي، قبائلي ضد يا خانداني انا کي “ڪاري” جو نالو ڏئي عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. ڪيئي ڀيرا جرڳا، وڏيرا ۽ اثر رسوخ وارا ماڻهو اهڙن ڏوهن کي لڪائڻ يا جائز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نتيجي ۾ قاتل بچي وڃن ٿا ۽ مظلوم قبرن ۾ دفن ٿي وڃن ٿا.
سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته جڏهن رياست، قانون، عدالتون ۽ پوليس موجود آهن، پوءِ ڪنهن کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي ته هو پاڻ فيصلو ڪري ڪنهن جي زندگي ختم ڪري ڇڏي؟ جيڪڏهن ماڻهو قانون کان مٿانهون ٿي پنهنجا فيصلا ڪن ٿا، ته اها رياست جي ڪمزوري ۽ سماج جي ناڪامي آهي.
هن لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ رڳو قانون ڪافي ناهي، پر شعور به ضروري آهي. اسڪولن، ڪاليجن، مسجدن، ميڊيا ۽ گهرن ۾ اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته عورت ملڪيت ناهي. عورت مڪمل انسان آهي، جنهن کي جيئڻ، چونڊ ڪرڻ، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ عزت سان رهڻ جو حق حاصل آهي.
سنڌ کي جيڪڏهن واقعي شاهه، سچل، سامي ۽ اياز جي سنڌ بڻائڻو آهي، ته “ڪارو ڪاري” جهڙين ڪڌين رسمن کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻو پوندو. ڪارو ڪاري غيرت نه، بيغيرتي جو بدترين چهرو آهي. ۽ ان خلاف خاموشي به جرم آهي.
عام تاثر آهي ته ڪارو ڪاري جي رسم سنڌ جي رسم ئي ناهي، سنڌ جي اتر وارن ضلعن ۾ اهڙا واقعا وڌيڪ نوٽ ڪيا ويا آهن. جنهن جو وڏو سبب تعليم ۽ شعور جي گهٽتائي آهي. ٻيو ته قبائلي ۽ سرداري سسٽم لاءِ ته ڪمائي جو ذريعو به آهي.
اهو سوال به اهم آهي ته جيڪي اخلاقيات جا اصول عورتن تي لاڳو ڪيا وڃن ٿا ڇا اهي مردن تي لاڳو نٿا ڪري سگهجن؟










