سنڌ ۾ ڌارين جي ٻيهر آبادڪاري ۽ حڪمرانن جي ذميواري

سنڌ ۾ ڌارين جي ٻيهر آبادڪاري ۽ حڪمرانن جي ذميواري

ايازلطيف پليجو

تازو سنڌ حڪومت مختلف ڊي سيز کان انگ اکر گھرائي جاتي، شاھبندر سجاول ضلعي ۽ ٺٽي جي ڪيٽي بندر ڳاڙھو ۽ گھوڙا ٻاري جي علائقن ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين ڪشميري ڀائرن کي ڏيڻ جي حوالي سان تحريڪ ۾ نظر پئي اچي۔ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن کي ان تي سخت تشويش آھي سخت ڪاوڙ سخت تڪليف ۽ سخت ڏک آھي پاڪستان ھڪ فيڊريشن آھي۔ وفاق آھي، ان تي عمل نٿو ٿئي يا گھٽ ٿو ٿئي، پر ان جي باوجود ڪليم اھو آھي ته ھڪڙو وفاق آھي۔ ھينئر جيڪي سينيٽ جون چونڊون ٿي رھيون آھن، سينيٽ جو تصور اھو آھي ته جيڪي فيڊريٽنگ جي ترجمان ٿيڻ، سينٽ ان ڪري ھوندو آھي، نه ته رڳو قومي اسيمبلي ھجي ھا۔ قومي اسيمبلي آدمشماري جي بنياد تي ھوندي آھي، انڪري ھڪڙو اھڙو ايو ان ھوندو آھي، جنھن ۾ برابري ھوندي آھي۔ آمريڪا ۾ 50 رياستون آھن اتي سوين ڪانگريس مين آھن پر اتي جيڪا سينيٽ آھي، اتي ھر رياست جو ھڪڙو نمائندو آھي، ساڳي طرح ساڳي نمائندگي ڀارت ۾ به آھي، ساڳي طرح ھر صوبي کي پاڪستان جي سينيٽ ۾ ھڪ جيتري نمائندگي آھي۔ان جو مقصد ته ڪنھن به صوبي جي خلاف ٻي صوبا ناجائزي نه ڪن۔ بدقسمتي اھا آھي ته اسان جا سنڌ جا حڪمران جيڪي 13 سالن کان ڀائر ۽ ڀينرون حڪومت ۾ آھن، انھن جا پنھنجا ذاتي طرح جا اھڙا مسئلا ۽ معاملا آھن، شفافيت جا، گورننس جا، ڪرپشن جا، انھن تي ذاتي طور جڏھن به ڪو دٻاء پوي ٿو عدالت پاران ادارن پاران، حڪومت پاران ته اتي ھو اسٽينڊ وٺي وڙھن ٿا ۽ ذاتي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا۔ پر جڏھن سندن ڇڏ ڇوٽ يا رعايت عيوض سنڌ جي ماڻھن مفادن لاء ڪو لمحو اچي ٿو ته اتي يڪدم ھٿ مٿي ڪري سنڌ جا مفاد تين وال ڪري وڪڻي پنھنجي پوزيشن بچائين ٿا۔بحريا جي حوالي سان سنڌ جا سوين ڳوٺ، لکين ماڻھو دربدر ڪري اتي قبضو ڪيو ويو، اتي پاڻ ڀاڱي ڀائيوار آھن سنڌ جا حڪمران، ذوالفقار آباد سڄو بيلٽ آھي ڪراچي کان وٺي ٺٽي تائين، اتي ھٿ مٿي اٿن۔ ٿر جو ڪوئلو ڀلي ڏئي ڇڏجي، گئس، بجلي ۽ پاڻي ڀلي ڏئي ڇڏيو پر سندن ڪو ماڻھو ٻڌجي ٿو، انور مجيد، عاصم وغيره ته اتي ھو مرڻ مارڻ لاء تيار آھن۔ جيڪڏھن ڪراچي ۾ نوري آباد ڀرسان اومني گروپ جي پاور پلانٽ کي گئس نٿي ملي ته ان لاء سڄي سنڌ ۾ مظاھره ٿا ڪن،  پر سنڌ جي ھزارين ڳوٺن ۾ گئس ناھي ته انھن ڀائر ۽ ڀينرن کي ڪا تڪليف ناھي۔ ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سينيٽر لفظ به نٿا ڪڇن۔ ساڳي حالت سنڌ جي ٻين حڪمران ٽولن جي به آھي، اھي حڪومت ۾ ھجن يا اپوزيشن ۾ ھجن، سندن ذاتي مفادن تي پير ايندو ته ان لاء مرڻ مارڻ لاء تيار ٿي ويندا۔ سنڌ جي مفادن جي ڳالھ ايندي ته سنڌ جو وڏيرڪو طبقو۔ جاگيردار ايم پي اي۔ ايم اين ۽ سينيٽر سڀ خاموش ٿي پاڪستان ھڪ وفاق آھي اسين 1940 جي قرارداد تحت گڏ آھيون پر جي سندن ڪو ماڻھو ٻڌجي ٿو انور مجيد ڊاڪٽر عاصم ته اتي ھي مرڻ مارڻ لاء تيار آھن جيڪڏھن نه ڳري آباد جي ڀرسان سندن اومني گروپ جي ڪنھن پاور پلانٽ گئس نه ٿي ملي تـ سڄي سنڌ ۾ مظاھرا ٿا ڪن پر سنڌ جي ٻين ھزارين ڳوٺن ۾ گئس ناھي ته اتي انھن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪا به تڪليف نه آھي ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سينيٽرز کي لفظ به ڪونه ڪڇندا ساڳي حالت سنڌ جي ٻين حڪمران ٽولن جي به آھي ٻيون جيڪي پارٽيون آھن اپوزيشن ۾ ويٺل ھجن ڪٿي به ويٺيون ھجن سندن ذاتي مفادن تي پير ايندو سندن زمين تي سندن واٽر ڪورس تي سندن مل تي پوء مرڻ مارڻ لاء تيار ھوندا آھن  سنڌ جي مفادن جي ڳالهه ايندي ته سنڌ جو وڏيرڪو طبقو سنڌ جا جاگيردار سنڌ جا ايم اين اي، ايم پي اي سينيٽرز خاموش ھوندا پاڪستان ھڪڙي وفاق آھي ھڪ رياست آھي ان ۾ سڀ فيڊٽريٽنگ يونٽ آھيون ۽ گڏ آھيون اسين 1940ع جي قرارداد تحت گڏ آھيون جڏھن ڀارت مان پاڪستان آيا پئي اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون اردو ڳالھائيندڙ اسان جا ڀائر آھن تڏھن ٿيڻ ائين کپندو ھو سڄو پاڪستان ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ھا انھن کي سڄي پاڪستان ۾ آباد ڪجي ھا پر انھن کي موڪليو ويو سکر نواب شاھ حيدرآباد ڪراچي ٽنڊوآدم جتي جتي سنڌ جو ريلوي اسٽيشنون ھيون اتي ڀائر لٿا ۽ آباد ٿيا. سوين ريلوي اسٽيشنون پنجاب ۾ به ھيون ڪي پي ڪي ۾ به ھيون ھوڏاھن ته ڪون آباد ٿيا ھاڻ ڪشميري مظلوم ڀائر به اسان جا آھن انھن سان ھمدردي آھي انھن جي ڏک ۾ شريڪ آھيون انھن سان ڀارت ظلم پيو ڪري ۽ زيادتي پيو ڪري انھن کي ڇرا ھنيا پيا وڃن انھن جي چھرن کي داغدار بڻايو پيو وڃي انھن تي ڪرفيو لڳل آھي انھن جي ڏک ۾ شريڪ آھيون اسان کي احساس آھي انھن جي ڏکن ۾ اسان جي دل ڌڙڪي ٿي ـ پر انھن کي جيڪڏھن آباد ڪرڻو آھي تـ ھي جيڪي لکين ايڪڙ ويران پيا آھن گلگت ۾ ايبٽ آباد ۾ مانسره ۾ ڪوھ مري ۽ ايوبيا جي ڀرسان وچ پنجاب ۾ ڪي پي ڪي ۾ اتي آباد ڪيو انھن کي سوين ميل پنڌ ڪري ھيڏاھن سنڌ ۾ ڇو ٿا کڻي اچو بارڊر جو صوبو اھو ۽ جڏھن برما مان روھنگيا نڪتا ته بارڊر ويجھو بنگلاديش ويا. تنھن جي ڪري جيڪي اتان نڪرن ٿا بارڊر تان پنجاب ھليا وڃن ڪي پي ڪي ۾ آباد ٿين اسان کان جيڪا مدد پڳي ڪندا سين دوائون کاڌ خوراڪ ڏينداسين ڪشميري ڀائرن انھن ويجھن علائقن ۾ آباد ڪيو ـ ٿڌن علائقن جا آھن تن انھن کي ٿڌن علائقن ۾ آباد ڪن انھن کي سنڌ ۾ موڪلڻ ڇا مقصد معني سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيون جيڪو ڌڪ لڳي ڪاڻي اک ۾ جيڪو وار ٿئي ويو اھو سامونڊي پٽي تي ائين ڇو پيو ٿئي ان ڪري جو سنڌ جو گس بند ڪرڻو آھي بدين ٺٽو ڪراچي اتان گس بند ڪري سنڌ کي لينڊ لاٽ ٺاھڻ جو پروگرام آھي ان ۾ وفاقي حڪومت سان صوبائي حڪومت شريڪ آھي عمران خان جي حڪومت سان زرداري جي فل رضامندي آھي عمران خان ۽ زرداري باھمي رضامندي سان سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جون زمينون انھن ۾ اک وجھي ويٺا آھن سنڌ جو عوام اھو برداشت ڪون  ڪندو ھي سرڪاري زمينون ڪون آھن زمين ان جي ھوندي آھي جيڪو پرمننٽ ھجي سرڪار پرممنٽ ٿوري آھي سرڪار ٽي سال ھڪڙي ٻه سال ٻي پنج سال ٽي۔ ھوندي آھي اصل مالڪ اھو آھي جيڪو ھزارين لکين سالن کان اتي آباد آھي اھو آباد آھي سنڌ جو عوام سرڪار ان جي آھي پٽيوالو ۽ نوڪر ۽ چوڪيدار چوڪيدار ۽ پٽيوالي کي زمين سنڀالڻي آھي ڏيڻ جو حق ڪونھي. اصل مالڪ ان زمين اھي سنڌي مزدور پورھيت شاگرد عورتون ٻار ٻڍا سنڌ جون سموريون ٻوليون ڳالھائيندڙ سمورا مذھب انھن جا اصلوڪا سنڌ جا وارث انڊيجينئس سنڌ جا ماڻھو وارث آھن تنھن جي ڪري اھو ڊامو بند ڪيو سنڌ جو عوام سنڌ جي زمينن تي قبضي جي مھم برداشت ڪون ڪيو ويندو سنڌ جا ماڻھو مزاحمت ڪندا سنڌ جا ماڻھو ڪنھن بہ حالت ۾ ڪنھن بہ زمين ۽ وسيلن جو جو ھڪڙو انچ به ڪون ڏيندا پرامن جمھوري طور تي بچاء ڪندا. پاڪستان جي اعلي عدالتن کي ان جو نوٽيس وٺڻ گھرجي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گھرچي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ۽ سينيٽرز ان تي ٻڙڪ به ٻاھر ڪون ٿا ڪڍن سنڌ حڪومت سندن ان سازش ۾ شريڪ آھي ته باضمير ايم پي اي آھن يا باضمير سينيٽر آھن ته ھوندا ته ڪون باضمير پر جيڪڏھن آھن تـ آواز بلند ڪن با ضمير آفيسر ڊي سيز جيڪي رٽائر ٿيندا پوء دانھون ڪندا ۽ انگ اکر پيش پيا ڪيا جنھن ٽائيم سنڌ جا وسيلا وڪيا پئي ويا ڪوڙا ڊوميسائل جاري پئي ٿيا ڪيترن آفيسرن استعيفائون ڏنيون آھن ان ٽائيم ڪون ڪڇندا انھن کي بہ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي سنڌ جي ميڊيا کي به گذارش آھي تـ ان معاملي تي ڪردار ادا ڪري سنڌ جي سمورن قومپرست ڌرين کي پروگريسو ڌرين چوان ٿو تـ ان سلسلي جو نوٽيس وٺو سنڌ آھستي آھستي اوھان کان کسي پئي وڃي ۽ اھا کسي ڪنھن جي مرضي سان پئي وڃي اھا سنڌ حڪومت جي مرضي ۽ اجازت سان کسي پئي وڃي سنڌ جا ماڻھو وفاق کان ڪھڙي شڪايت ڪن ان کي ووٽ ٿوري ڏيندا آھن جن کي پنجاھ سالن کان ووٽ پيا ڏين اھي آھستي آھستي ڪري سنڌ جا سڀ ٽپڙ وڪڻ پيا انھن کان سنڌ جو ايندڙ دور به سوال پڇندو جيڪڏھن جعفر صادق نائون مل ۽ چنيسر نٿا ٿيڻ چاھين ته سنڌ جي ھن سوديبازي کي فوري بند ڪن ۽ تاريخ ۾ ذلالت ۽ غداري جو جيڪو داغ لڳندو ان کان پاڻ کي بچائين.

پهنجو تبصرو موڪليو