منظور کوسو
سنڌ تي شايد ئي ڪو اهڙو سڀاڳو ڏينهن گذريو هجي، جنهن ڏينهن ڪنهن گهر ۾ ڪا قيامت برپا نه هجي ۽ پوڙهن پيئرن جي ڪلهن تي جوان اولادن جون ميتون نه هجن۔ اخبارون، ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي روز اهڙا هانء ڏاريندڙ واقعا رپورٽ ٿين پيا جيڪي انسان جي روح کي جهوري ڇڏين ٿا ۽ سماج جي زوال جو چٽو عڪس پيش ڪن ٿا.
تازو محمدي ميڊيڪل ڪاليج جي ٽئين سال جي شاگردياڻي فهميده لغاري جو واقعو سڄي سماج لاءِ هڪ وڏو سوال بڻجي اڀريو آهي. هڪ ذهين، محنتي ۽ هميشه ٽاپ ڪندڙ شاگردياڻي، جنهن جا خواب روشن مستقبل سان جڙيل هئا، آخرڪار اهڙي انجام تي ڇو پهتي؟ رپورٽن موجب کيس هڪ استاد طرفان مسلسل هراسمينٽ جو نشانو بڻايو ويو.هن پنهنجي والدين ۽ اداري کي به شڪايتون ڪيون، پر افسوس جو ڪو سنجيده قدم نه کنيو ويو،پر ان جي ابتڙ هن کي ذهني دٻاءُ ۽ تڪليفن ۾ وڌيڪ وڌو ويو.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪو به نوجوان بنا سبب اهڙو انتهائي قدم نه کڻندو آهي ان پٺيان هميشه شديد ذهني، سماجي يا نفسياتي دٻاءُ هوندو آهي.اهڙن واقعن کي صرف هڪ لفظ “خودڪشي” سان بيان ڪري ڇڏڻ، اصل مسئلي کان نظر چُرائڻ جي برابر آهي.
هن ڪيس ۾ هڪ پرائمري استاد جي گرفتاري ۽ معطلي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته هڪ پرائمري استاد ميڊيڪل جي شاگردن کي پڙهائي رهيو هو؟ ۽ اداري جي انتظاميه ان سڄي معاملي ۾ ڇو خاموش رهي؟ جيڪڏهن اڳ ۾ پيش آيل واقعن تي سنجيدگي سان جاچ ۽ ڪارروائي ڪئي وڃي ها، ته شايد اڄ هڪ وڌيڪ زندگي ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي ها.
سنڌ ۾ تعليم جو معيار اڳ ئي متاثر آهي، ۽ جيڪڏهن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ به اهڙا واقعا ٿيندا رهندا، ته والدين پنهنجين نياڻين کي تعليم ڪيئن ڏياريندا؟ اها صورتحال فقط چند فردن لاء نه پر سڄي سماج لاءِ نقصانڪار آهي.
ان کان علاوه، سچل سرمست جي ڌرتيءَ تان سرڪي ۽ جوڻيجا برادرين جي تڪرار ۾ ٻن نوجوان ڀائرن پيارعلي ۽ نعمان سرڪي جو اغوا ۽ انهن کي ٻڌي ڪري قتل ڪرڻ ۽ ان سڄي واقعي جي ويڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ لاقانونيت جو هڪ حيران ڪندڙ واقعو ۽ قانون جي عملداري تي هڪ ڪارو داغ آهي.اهڙن واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڏوهارين کي قانون جو ڪو خوف ناهي رهيو۔عام ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيو آهي ڇوته سرڪار ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ سخت ناڪام ٿي آهي۔
سنڌ ۾ عورتن خلاف تشدد، خاص ڪري “غيرت” جي نالي تي قتل، هڪ خطرناڪ حد تائين وڌي چڪا آهن.هڪ رپورٽ موجب 2025 جي پهرين ڇهن مهينن اندر 133 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون ويون جڏهن ته ڪيترائي واقعا اهڙا به آهن جيڪي رپورٽ ئي ناهن ٿيندا. تازو ٽنڊومستي (خيرپور) ۾ 22 سالن جي هڪ نوجوان ناري کي مائٽن پڪڙي ماڻهن جي هجوم ۾ قتل ڪرڻ جو واقعو، انساني بيحسي جي انتها آهي۔ اهڙن واقعن ۾ نه رڳو قاتل، پر موقعي تي موجود خاموش تماشائي به اخلاقي طور ذميوار آهن.جڏهن سماج مان احساس، همدردي ۽ ڪهڪاء ختم ٿي وڃي، تڏهن اهڙيون “خاموش قيامتون” جنم وٺنديون آهن.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رياست پنهنجي بنيادي ذميواري نڀائيندي قانون جي حڪمراني قائم ڪري. شفاف جاچ، ڏوهارين کي سخت سزائون، ۽ متاثرن کي انصاف مهيا ڪرڻ سان ئي اهڙن واقعن جي روڪٿام ممڪن آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو، ته بي انصافي ۽ ظلم جي بنيادن تي بيٺل نظام گهڻي دير تائين قائم نه رهي سگهندو.
اڄ سنڌ سڏ ڪري رهي آهي انصاف لاءِ، تحفظ لاءِ، ۽ هڪ اهڙي سماج لاءِ جتي ڪنهن ماءُ کي پنهنجي اولاد جو جنازو نه ڏسڻو پوي، ۽ ڪنهن نياڻي کي پنهنجي عزت ۽ زندگي بچائڻ لاءِ اڪيلو نه ڇڏڻو پوي.










