سنڌ ۾ هڪ کان 15هين گريڊ ۾ ڀرتيون نئين سر اشتهارن بعد ٿينديون

سنڌ ۾ هڪ کان 15هين گريڊ ۾ ڀرتيون نئين سر اشتهارن بعد ٿينديون

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت طرفان آگسٽ 2023 جي اشتهارن موجب ڪيل 54 هزار کان وڌيڪ ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ پهرئين کان پندرهين گريڊ تي 54 هزار کان وڌيڪ ڀرتين جي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته مستقبل ۾ واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي ڀرتيون نه ڪيون وينديون، سنڌ حڪومت ڀرتين بابت ٺاهيل قانونن موجب نئين ڀرتيون يقيني بڻائي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گريڊ هڪ کان 4 ۽ 5 کان 15 جون پوسٽون ضلعي بنيادن تي ڀريون وڃن.عدالت آگسٽ 2023 جي اشتهارن موجب ڪيل ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو