سنڌ ۾ اڄ به گرمي جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان

سنڌ ۾ اڄ به گرمي جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۽ پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ اڄ به موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي رهندو.هوڏانهن چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ 21 مئي کان 27 مئي تائين گرمي جي لهر پوڻ جو امڪان آهي.پنجاب ۾ سخت گرمي سبب اسڪولن جا ٽائيم تبديل ڪيا ويا آهن، سومر کان خميس تائين اسڪولن جو ٽائيم صبح 7 وڳي کان 11:30 تائين هوندو جڏهن ته جمعي تي اسڪول صبح 7 وڳي کان صبح 10.30 وڳي کليل رهندا.پنجاب جي تعليم کاتي موجب صوبي ۾ گرمين جون موڪلون پهرين جون کان 14 آگسٽ تائين هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو