ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي برنس روڊ فوڊ اسٽريٽ جا بند پيل روڊ بحال ڪيا ويا.عدالتي حڪم کانپوءِ حددخلين واري کاتي انٽري گيٽ جا بورڊ هٽائي ڇڏيا ۽ علائقي مان حددخليون پڻ هٽايون ويون آهن.برنس روڊ واري علائقي کي ڪافي دير تائين بند ڪيو ويو جتي شام جي وقت فوڊ اسٽريٽ هلندي هئي، جنهن دوران شهرين کي گاڏي هلائڻ جي به اجازت نه هئي.اهڙي صورتحال تي برنس روڊ جي رهواسين عدالت سان رجوع ڪيو، جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ روڊ کي عوام لاءِ کولڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.










