سنڌ جي نرالي سرجڻھار ۽ ڳائڻي،مائي بيگم فقيرياڻي جي سار

سنڌ جي نرالي سرجڻھار ۽ ڳائڻي،مائي بيگم فقيرياڻي جي سار

سنڌ جي ھڪ مشهور ۽ پنهنجي منفرد انداز واري فنڪاره مائي بيگم فقيرياڻيءَ 12 مارچ 1915ع تي هارون فقير ميربحر جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد به فقير منش ماڻهو ھو، سندس ڪرت بتيلو ھلائڻ، مڇي مارڻ ۽ پنهنجي مرشد هنباھ جي درگاهه تي حاضري ڏيڻ ۽ مٽيون ڀرڻ ھو، ساڳي ڪرت بيگم فقيرياڻي به شروع ڪئي، اتان ئي کيس فيض مليو ۽ سڄي زندگي فقيري ۾ گذاريائين، ھن ئي درگاهه کان ڳائڻ شروع ڪيائين، سندس لاڙو عارفاڻي ۽ صوفي شاعري ڏانهن ھو، ان وقت لونگ فقير (غلام علي سنڌيلي جو والد)، سھراب فقير، گلشن زنگيجو، گل حسن فقير تر جا مڃيل فنڪار ھئا، مائي بيگم فقيرياڻي نه صرف پنهنجي پاڻ کي مڃرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي پر انهن سان گڏ سنگ ۾ ڳائيندي هئي، بيگم فقيرياڻي فنڪاره کان سواءِ سٺي شاعره به هئي، مائي صاحبه ريڊيو پاڪستان کان سواءِ مختلف ڪئسٽ ڪمپنين وٽ به رڪارڊنگ ڪرائي، سندس مشهور ڪلامن ۾ جيڏيون جانب سان دل منهنجي آهي، جوڳي ٿا جاڳن، ڏوران ٿا ڏسجن، ڪير ڪشالا ڪري، پٽ نه پنهوار، دنيا جا تونگر هڪ پاسي وغيره شامل آهن، مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي اولاد جي به سٺي تعليم ۽ تربيت ڪئي، سندس پٽ پروفيسر درگاھي ميراڻي سنڌ جو سٺو ليکڪ ٿيو، سندس پوٽو اختر درگاهي به سٺو ليکڪ، شاعر ۽ فنڪار آهي، ان پنهنجي ڏاڏي مائي بيگم فقيرياڻي جي سوانح عمري “حال فقيري” جي عنوان سان لکي آهي، مائي صاحبه 13 اپريل 1987ع تي ھي جھان ڇڏيو .
مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر جي فنڪار گهراڻي سان واسطو رکندي هئي ۽ سنڌ جي نامياري ڳائڻي هئي. سندس جنم 1915ع ۾ ٿيو. مائي بيگم کي ”ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي“ يا ”لطيف جي فقيرياڻي“ سڏيو ويندو آهي. اڪثر ڀٽ جي درگاھ تي ويندي رهندي هئي. انهيءَ محبت ۾ هن پنهنجو ڪلام پڻ چيو هو. سندس ڪي ڪافيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن. بيگم فقيرياڻيءَ مائي غلام فاطمہ موچياڻيءَ جي هيءَ ڪافي ڪمال گائڪيءَ سان ڳائي هئي، جيڪا سندس سڃاڻپ بڻجي وئي،
“محبت وڌي آهيان مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري!”
بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجو فني ورثو پنهنجي پٽ نامياري شاعر، استاد ۽ فنڪار درگاهي ميراڻيءَ ڏانهن منتقل ڪيو ۽ هن وقت سندس پوٽو اختر درگاهي نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر ۽ سريلو فنڪار آهي. بيگم فقيرياڻيءَ جي وفات 13 اپريل 1987ع ۾ ٿي .
مائي بيگم فقيرياڻي(1915_1987) سنڌ جي مشھور فنڪارہ شاعرہ جنھن کي سنڌ جي ميران ٻائي ،سنڌ جي ڪوئل بہ سڏيو ويندو ھو پني عاقل تعلقي جي نوراجا يونين ڪائونسل ۾ مشھور ڳوٺ رضا ڳوٺ ۾ ڄائي اختر درگاھي جو سندس ڀاڳوند پوٽو آھي سندس ولادت جو ھنڌ رضاڳوٺ ،عزيز پور جي سڏپنڌ تي عبدالله شاہ ڍنڍ تي ھارون جي پتڻ ڄاڻايو آھي ،سندس والد ھارون فقير ھنباھ جي بذرگن جو طالب ۽ صوفي ھو والدہ مائي موليڏني پنھواري جي بزرگ عالم سائين تاج محمود امروٽي جي استاد مولانا عبدالقادر انڍڙ جي مدرسي ۾وٽس پڙھي ھئي جنھن جي والدہ بيگم اول نامور صاحب تصوف شاعرہ مائي فاطمہ لال جي محبوب سنگتياڻي ھئي بيگم فقيرياڻي کي علم ودانش،راڳداري تصوف،نياز نئڙت ۽ شاعري جي ستي ننڍي لاڪون پيل ھئي ھنباھ جي درگاھ جو ويراڳ ۽مائي فاطمہ لال جا آلاپ سندس ڪنن تي ننڍپڻ ۾ ئي ٻريا ،سندس شادي پنھنجي سوٽ واحد بخش ساڪن ستين جي آستان روهڙي مياڻي سان ٿي ،ھن راڳ جي باقائدہ بسم الله ڳوٺ ڪٽا لڳ سانگي مائي فاطمہ لال جي بيٺڪ جي ٿلھي تان ڪئي ۽ پوء سندس آواز جي گونج سڄي سنڌ ۾ تادم گونجندي رھي ھن سڄي عمر لطيفي لباس يعني ڪاري سوء واري لباس ۾ گذاري ڀٽائي درگاھ سان سندس وابستگي مثالي آھي خاص طورسائين شير،سائين محمد جوڙيو،غلامحيدر ڀٽائي ۽مٺل سائين سان ان ڪري کيس ڀٽائي جي فقيرياڻي چيو ويندو آھي کيس ھڪ ئي وقت مائي غلام فاطمہ لال،ڀٽائي پيرسائين شير،داتا ولايت شاھ،داتا بگن شاھ جو فيض ۽دعا مليل ھئي ھن کي اعزاز حاصل آھي تہ مائي فاطمہ لال جي شاعري کي عام ڪيائين پاڻ بہ وڏي شاعرہ ھئي سندس ڪيئي ڪافيون مشھور آھن جيڪي پاڻ ئي ڳايون آٿائين ،پروفيسر درگاھي ميراڻي (شاعر،گائڪ) گل حسن گل فقيرفنڪار سندس پٽ ۽ مشھور شاعر ليکڪ گائڪ اختر درگاھي سندس پوٽو آھي اختر سندس شاعري ۽سوانح تي حال فقيري نالي ڪتاب لکيو ۽ مرتب ڪيو آھي،ھيٺ نموني خاطر سندس ٻن ڪافين جا ڪجھ بند ڏجن ٿا
1سڀ ڪجھ آھي جھان ۾
ڇاھي منھنجو،ڇاھي ڙي سرتيون
آيس اڪيلي ويندس اڪيلي
لاڳاپا سڀ لاھي ڙي سرتيون
فاذڪروني اذڪر ڪم
سر جو سانگو ساھي ڙي سرتيون
الانسان سري واناسرہ
سر کي سجدو آھي ڙي سرتيون
بيگم جنھن جي آسري
سو مرشد منھن نہ مٽائي سرتيون
2ڏني دل مون توکي،وفادار سمجھي
ڇڏي وڃ نہ مون کي گنھگارسمجھي
ھيئہ جا دغائي آڳ تہ ٻڌائين ھا
محبت جو ناتو،مون سان نہ لائين ھا
ڇني وئين تون ناتو نادار سمجھي
اھا حسن جواني ڪڏھن ڪم نه ايندء
مون وانگر دلڙي کڻي ڪونه ڏيندء
بيزار ٿي وئين بيڪار سمجھي
بيگم جا سائين ڪر ڪا سڻائي
مرشد منھنجا ھوت ھنباھي
پرين ڪر تون پنھنجو طلبگارسمجھي

پهنجو تبصرو موڪليو