اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته سموريون پارٽيون هاڻي چونڊن جي تياري ڪن.اليڪشن ڪميشن پاران عام چونڊن جي اعلان کانپوءِ هڪ بيان ۾ احسن اقبال چيو آهي ته تڪ بندين جو مدو گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي، مان سمجهان ٿو ته غير يقيني صورتحال هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪ بنديون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ چونڊ شيڊول جو اعلان ڪري.احسن اقبال اهو به چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪ بنديون آئين ۽ قانون جي گهرجن موجب ڪري رهي آهي، تڪبندين کانسواءِ ون مين ون ووٽ جو تصور ختم ٿي ويندو.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي آمد بابت پارٽي ۾ جوش آهي، ڪارڪن پنهنجي قائد جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.سندس چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو سڀني تي لاڳو هوندو، سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندي.










