سماجي ميڊيا تان اڀريل ’ڪاڪروچ انقلاب‘

سماجي ميڊيا تان اڀريل ’ڪاڪروچ انقلاب‘

ليکڪ: طارق راڄپر
موديءَ جي حڪومت ھميشه تڪراري حڪومت وارو ڏيک ڏنو آھي. مودي جڏھن به ڀارت جو وزيراعظم بڻيو آ، تڏھن ڀارت کي ھر طرف کان نقصان ئي ڏسڻو پيو آھي. موديءَ جي حڪومت ۾ مسلمانن سان ڀارت ۾ پڻ ظلم برپا ٿيندي نظر آيو آھي ۽ ڀارت ۾ امن امان بجاءِ چڙ، غصي ۽ غربت جو ماحول وڌندڙ منظرعام تي آيو آهي. ڪجھ وقت کان وٺي ڀارت اندر سياست ۾ وڏي اٿل پٿل لڳي پئي آهي. ھڪ فلمي اداڪار مان وڏي تعداد ۾ سيٽون حاصل ڪري وزيراعلي بڻجڻ ۽ عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جي دعوائون ڪرڻ کانپوءِ موٽ ۾ عوام کان عزت ۽ احترام حاصل ڪندڙ وجي ٿالاپاٿي عالمي ميڊيا تي ڇانيو پيو آھي. ماڻھو کيس اونداھيءَ مان نڪرڻ جي روشنيءَ طور تصور ڪرڻ لڳا آھن. مستقبل ۾ ڏسجي ته پنھنجي ڪيل واعدن تي ڪيترو پورو لھي ٿو. اھا ڀارت جي سياست ۾ ھڪ وڏي تبديلي ۽ انٽري آھي.
ھڪڙو پاسو ڀارت جو ھو اِھو، وري ٻئي پاسي گذريل ستن ڏينھن کان ڪاڪروچ جنتا پارٽي سماجي ميڊيا توڙي ڀارت جي سياسي ڌرين ۾ وڏي ھلچل مچائي ڇڏي آهي. الجزيره جي مطابق ڪجھ ڏينھن اڳ ڀارت جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سوريا ڪانت کليل عدالت ۾ چيو ته جيڪي نوجوان بيروزگار آھن، اُھي ڪاڪروچ مثل آھن. اُھي بيروزگار نوجوان سماجي ميڊيا تي ايڪٽوسٽ ۽ تجزيہ نگار بڻجي، ھر ڪنھن جي خلاف ڳالھائن ۽ لکن ٿا. بعد ۾ سوريا ڪانت، اھا به وضاحت ڪئي ته اھو بيان انھن لاء ھو جيڪي جعلي ڊگريون رکندڙ آھن. پر پوءِ به سوريا ڪانت جي بيان تي ڀارت جي جوانن ۾ سخت ڪاوڙ پکڙجي وئي، ڇاڪاڻ ته وڌندڙ آبادي جي ڪري بيروزگاريءَ، غربت ۽ مهانگائيءَ جي مسئلن کي عوام ڪيتري وقت کان منھن ڏئي رھي آھي.
آمريڪا جي بوسٽن يونيورسٽي مان پبلڪ رليشنز ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اڀيجيٽ ڊيپڪي نالي ٽيھن سالن جي نوجوان مذاق طور “ڪاڪروچ جنتا پارٽي” نالي ھڪ طنزيہ سياسي پارٽي شروع ڪئي، جيڪا حڪومتي پارٽي ” ڀارتيه جنتا پارٽي” جو مذاق اڏائيندڙ نالي طور ڏٺي پئي وئي. ڪنھن جي ذھن ۽ گمان ۾ به نه ھو ته ھي طنزيہ پارٽي ڀارتيه جنتا جھڙي پارٽيءَ کان به ڪجھ ئي ڏينھن ۾ آنلائن وڏي تحريڪ بڻجي اڀرندي ۽ حڪومتي ڌر کي ان لاءِ ڪو سوچڻو به پوندو. وڪيپيڊيا مطابق ڪاڪروچ پارٽيءَ جو بنياد 16 مئي 2026ع تاريخ تي وڌو ويو، جنھن مطابق پارٽيءَ جي قيام کي صرف اٺ ڏينھن ٿيا آھن. جنتا جو مطلب عوام آھي ۽ عوام جيڪڏهن پنھنجيءَ تي اچي ته وڏو انقلاب اچي سگھي ٿو ۽ عالمي ميڊيا جو نظرون به ڦيرائي سگھجن ٿيون.
الجزيره جي تازي رپورٽ موجب ڀارت ۾ ھر سال لڳ ڀڳ اٺ لک کان وڌيڪ نوجوان گريجوئيٽ ٿي ڪري نڪرندا آھن، جن مان ڪيترائي بيروزگاريءَ واري زندگي گذارڻ ۾ مجبور بڻيل آھن. بيروزگارن جي شرح 29.1 سيڪڙو آھي. ان کان علاوه پيپر ليڪ ٿيڻ جھڙا معاملا به معمول بڻيل آھن. جنريشن زي پنھنجي مسئلن جو حل چاھي ٿي.
گذريل ستن ڏينھن کان وٺي ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ X يعني پراڻو نالو ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام سميت مختلف ميڊيا پليٽفارم جي زينت بڻيل آهي. ڀارت جو سياسي ڌريون توڙي عالمي ميڊيا زي جنريشن جي ڪاڪروچن جي کنيل قدمن کي گھرائيءَ سان ڏسي رھيون آھن. مودي حڪومت پاران ڪاڪروچ پارٽيءَ کي ملڪ لاءِ نقصانڪار سمجھيو پيو وڃي. ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ جي سربراهه ڊيپڪي آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ الجزيره کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ” اقتدار ۾ ويٺل ماڻھو سمجھن ٿا ته شھري ڪاڪروچ ۽ پيراسائٽ آھن. انھن کي اھا خبر ضرور ھجڻ گھرجي ته ڪاڪروچ ۽ پيراسائيٽ سڙيل ۽ گندگيءَ وارن ھنڌن تي پيدا ٿيندا آهن. اڄ جو ڀارت به اقتدار ۾ ويٺلن اھڙو ڪري ڇڏيو آھي. ڊيپڪي سماجي ميڊيا پليٽفارم X تي لکيو:
“ڇا ٿيندو جيڪڏهن سڀ ڪاڪروچ گڏ ٿي وڃن؟”
ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ جو منشور ۽ ڊزائن مصنوعي ذھانت ڪلاڊ ۽ چيٽ جي پي ٽيءَ جو استعمال ڪندي چوويھن ڪلاڪن ۾ تيار ڪيو ويو. ھِن پارٽيءَ جو نالو، اصول ۽ شرط دلچسپ ۽ طنزيہ آھن. پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻ لاءِ شرط خاموش احتجاج جيان آھن جھڙوڪ، بيروزگار ھئڻ، سست ھئڻ، ھميشه آن لائن رھڻ، پروفيشنل انداز ۾ شڪايتون ڪرڻ. سندن پارٽيءَ جو نعرو ” نوجوانن جي، نوجوانن لاءِ، نوجوانن طرفان سياسي محاذ” (سيڪيولر_سوشلسٽ_ جمھوري _ سست). ھن پارٽيءَ جي معلومات خاص طور تي سندن جي آفيشل سماجي ميڊيا جي اڪائونٽن ۽ ويب سائيٽ تي شيئر ڪئي پئي وڃي. اِنهيءَ نوجوانن جو حڪومت لاءِ اھو به پيغام آھي ته ” ڪاڪروچ ڪڏھن ناھن مرندا ” ڪاڪروچ گڏ ٿي ڪري طاقتور ڌر کي به ڪمزور ڪري پنھنجي حقن لاءِ ٻاھر نڪري سگھن ٿا. مودي حڪومت جي سالن جي ناقص ڪارڪردگيءَ ۽ نوجوانن لاءِ ڪو به پلان نه ھجڻ جي ڪري ئي، اھڙا سخت قسم جا مايوسيءَ ۾ بيان نڪري رھيا آھن.
انسٽاگرام اڪائونٽ تي اڄ آچر جي صبح مطابق ٻه ڪروڙ چاليھ لک فالوور آھن ڪالھ ٻه ڪروڙ ايڪيھ لک ھئا ۽ X پليٽفارم تي پڻ ھزارن انگن جي تعداد ۾ فالوور روز بروز وڌي رھيا آھن. جيڪي حڪومتي پارٽي ڀارتيہ جنتا پارٽيءَ ۽ ڪانگريس پارٽيءَ کان تعداد ۾ تمام گھڻا آھن. مودي حڪومت ڪاڪروچن جي سماجي ميڊيا اڪائونٽن جي استعمال کي روڪرائڻ جون ڪوششون وٺي رھي آھي. جڏھن ته X تي ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ جو اڪائونٽ بند ڪيو، جنھن بعد ڪاڪروچ از بيڪ جي نالي سان ٻيھر اڪائونٽ ٺاھيو ويو، جنھن تي فالوورز جو تعداد ٻه لک سترھن ھزار آھي. ڪاڪروچن حڪومت کي واضع چيو آھي تہ توھان ائين اڪائونٽ بند ڪري ڪاڪروچن مان نجات حاصل نه ٿا ڪري سگھو. ھاڻي ڪاڪروچن جو آواز ڊٻائي نه ٿو سگھجي. بي بي سيءَ جي تازي رپورٽ موجب ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ جي ويبسائيٽ کي بلاڪ ڪيو ويو آھي.
ڪاڪروچ پارٽيءَ کي شروع ۾ مزاحيه طور ۾ حڪومت ورتو. پر ھاڻي انھن لاءِ مٿي جو سور بڻجي وئي آھي. گذريل ھفتي جي دوران نيٽ امتحان جو پرچو ليڪ ٿيڻ جي ڪري ڪاڪروچن ڀارت جي تعليمي وزير ڌرمندر پرڌان جي استعيفي جو مطالبو ڪري رھيا آھن. پارٽيءَ جي سربراهه ڊيپڪي X تي لکيو ته ويب سائيٽ تي ڏھ لک ڪاڪروچ ميمبر طور شامل ٿي چڪا آھن. ڇھن لک ڪاڪروچن تعليمي وزير خلاف استعيفي واري درخواست تي صحيحون پڻ ڪيون آھن. سندن جو چوڻ آھي ته اسان نئون گھر تعمير ڪري رھيا آھيون. حڪومت اسان کي ايترو آسانيءَ سان ختم نه ٿي ڪري سگھي. يوٽيوبر ميگھناد ايس چيو تہ ″ هي مذاق هاڻي پنهنجي الڳ زندگي اختيار ڪري چڪو آهي۔”ھن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي نوجوان روايتي سياسي پارٽين کان مايوس ٿي چڪا آهن ۽ نون سياسي تجربن جي تلاش ۾ آهن. ميڊيا تي اھا خبر گردش پئي ڪري ته ھي جنريشن زي جي سڀني کان وڏي تحريڪ آھي.
نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته “ڪاڪروچ جنتا پارٽي” رڳو هڪ مزاحيه يا طنزيه تحريڪ نه رهي آهي، پر اها ڀارت جي نوجوانن جي اندر موجود بيچيني، بيروزگاري، مهانگائي ۽ سياسي مايوسيءَ جي آواز بڻجي سامهون آئي آهي. موجوده وقت ۾ ڀارت جو ماحول سياسي ڇڪتاڻ، سماجي غصي ۽ نوجوانن جي وڌندڙ ردعمل سان ڀرپور نظر اچي رهيو آهي. جيڪڏهن هي تحريڪ اهڙيءَ ريت وڌندي رهي ته اها مودي حڪومت لاءِ وڏو سياسي ۽ سماجي دٻاءُ بڻجي سگهي ٿي، جتي حڪومت کي نوجوانن جي مسئلن تي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. ان سان گڏوگڏ هن ڊجيٽل انقلاب جو اثر ٻين ملڪن تائين به پهچي سگهي ٿو، جتي نوجوان سماجي ميڊيا وسيلي پنهنجي حقن ۽ مسئلن بابت نيون تحريڪون شروع ڪرڻ لاءِ متاثر ٿي سگهن ٿا. “ڪاڪروچ انقلاب” اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اڄ جي دور ۾ سوشل ميڊيا نوجوانن جي آواز کي عالمي سطح تائين پهچائڻ جي وڏي طاقت بڻجي چڪي آهي. tarique.rajper.12@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو