ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح جي سفارتي محاذ تي پاڪستان جي تاريخي موٽ (پذيرائي) دشمن کان هضم نه پئي ٿئي.ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪندي بلاول ڀٽو حملو ڪندڙ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيورانه صلاحيتن جي ساراهه ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس جي ترجمان موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين شهيد اهلڪارن کي عقيدت جو نذرانو پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن بزدلاڻي عمل مان واضح ٿيو ته عالمي سطح جي سفارتي محاذ تي پاڪستان جي تاريخي پذيرائي دشمن کان هضم نه پئي ٿئي، پاڪستاني قوم پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ پرعزم آهي.










