پي اي ايف بيس جي چوڌاري ڪبوتر اڏائڻ تي پابندي

پي اي ايف بيس جي چوڌاري ڪبوتر اڏائڻ تي پابندي

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ)سرگوڌا ۾ پاڪستان ايئر فورس (پي اي ايف) جي مصحف بيس جي چوڌاري ڪبوتر اڏائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.سرگوڌا جي ضلعي انتظاميا موجب بيس جي چوڌاري گهرن جي ڇتين تي ڪبوترن جا گهر لڳائڻ تي به پابندي هوندي.ٻئي طرف ڊي سي ڪيپٽن (ر) شعيب علي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب بيس تي اڏامندڙ قومي جهازن جي حفاظت لاءِ بيس جي چوڌاري ڪبوتر اڏامڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو