زلزلي سبب فوتين جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو

زلزلي سبب فوتين جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو

انقره (ويب ڊيسڪ)ترڪي ۽ شام ۾ گذريل سومر جي صبح جو آيل خطرناڪ زلزلي سبب مارجي ويلن جو انگ 11000 کان وڌي ويو آهي. متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ صحت جي عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 30 لک کان وڌي سگهي ٿو. شام ۽ ترڪي يورپي يونين کي مدد جي اپيل ڪئي آهي. فوري طور تي ڪمبل، تنبو، هيٽرن جي فوري ضرورت آهي. متاثره علائقن ڪٿي زيرو ٽيمپريچر آهي ته ڪٿي مائنس ۾ آهي. سخت ٿڌ سبب متاثرين پريشان آهن. يورپي يونين شام تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن ۽ حافظ الاسد کي شام جوجائز حڪمران نٿي سمجهي. شام جي جن علائقن ۾ تباهي ٿي آهي انهن ۾ ڪٿي شامي حڪومت ته ڪٿي جنگجو گروپن جو ڪنٽرول آهي. هڪ پاسي سڄي دنيا مان امدادي سامن ترڪي ۽ شام پهچڻ شروع ٿي ويو آهي ته ٻئي پاسي متاثرين وقت تي امداد نه ملڻ جي شڪايت به ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن ۾ ملبي مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو امدادي ڪم به جاري آهي. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف کي اڄ ترڪي جي دوري تي وڃڻو هو پر ترڪي معذرت ڪندي چيو ته هو امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو