ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ جي ايم پي اي ۽ سندس فرزند تي بلڙي واسي سندس زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ لاءِ کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ بلڙي شاهه ڪريم جي رهواسي غلام مصطفي لنڊ پريس ڪانفرنس ۾ الزام لڳايو آهي ته پ پ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو سندس فرزند خرم ڪريم سومرو سندن خانداني مرحوم چاچي عثمان لنڊ جي ذاتي ملڪيت واري زرعي زمين جي سعودي عرب ۾ رهندڙ ڀاءَ بشير احمد لنڊ پاڻ خريد ڪرڻ لاءِ کيس هڪ ڪروڙ روپيا نقد رقم ڏئي دستاويز پنهنجي نالي تي ڪرايا هئا . جنهن ۾ چاچي جي وفات کانپوءِ هاڻي اها ملڪيت منهنجو ڀاءَ بشير احمد لنڊ کان واپس وٺڻ لاءِ پ پ ايم پي اي چاچي جي پٽ عبدالرزاق ذريعي ڪوڙا دستاويز ٺهرائي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي . اسان جي چاچي جي پٽ عبدالرزاق لنڊ کي غلط طريقي سان وارث بڻائي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي . هاڻي وري خاموش رهڻ لاءِ پ پ ايم پي اي پنهنجي پٽ ۽ ڀاءَ محمد عيسي سومرو جي نالي سان زمين جي مالڪي جي دعوي ڪئي وئي آهي . جيڪا غلط دعوي آهي . اسان پنهنجي خانداني ملڪيت واري زرعي زمين تي ڪو به قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين . مرحوم چاچي جيڪا رقم ورتي هئي ان ۾ صرف 51 لک رقم رهيل آهي . جيڪا هاڻي اسان عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ سان پنهنجي سئوٽ عبدالرزاق لنڊ کي ڏينداسين . اسان پنهنجي چاچي جي پٽ سان ڪا به ناانصافي نه ڪئي آهي . پ پ ايم پي اي اسان جي چاچي جي پٽ کي استعمال ڪري اسان جي خلاف پوليس فورس جي ذريعي حراسان ڪرڻ جو اعلي اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي اسان سان انصاف ڪيو وڃي . پ پ ايم پي اي سندس پٽ ۽ ڀاءَ جي ظلم کي روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج ڪنداسين










