زال جي رضامندي کان سواءِ طلاق نٿي ڏئي سگهجي، سپريم ڪورٽ

زال جي رضامندي کان سواءِ طلاق نٿي ڏئي سگهجي، سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ طلاق ۽ گهريلو تڪرارن بابت اهم ۽ جامع فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته گهر واري (زال) جي واضح، باخبر ۽ غير مبهم رضامندي کان سواءِ خلع نٿي ڏئي سگهجي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته 12 صفحن تي مشتمل فيصلو جسٽس شاهد بلال حسن تحرير ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن زال ظلم جي بنياد تي ڪيس دائر ڪيو هجي ته ان کي خلع ۾ تبديل ڪرڻ سندس مالي حقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو، ان ڪري عدالت زال کي اهو اختيار ڏئي ته هوءَ ظلم جو دعويٰ جاري رکڻ چاهي ٿي يا طلاق قبول ڪرڻ چاهي ٿي. عدالت گهريلو تشدد جي تعريف کي وسيع قرار ڏيندي چيو ته جسماني تشدد سان گڏ ذهني اذيت، ذلت، دٻاءُ ۽ محرومي پڻ ان ۾ شامل آهن، ذهني ظلم ۾ جذباتي اذيت، نظرانداز ڪرڻ ۽ شديد ذهني تڪليف ڏيڻ پڻ شامل آهي. فيصلي ۾ فيملي ڪورٽس کي هدايت ڪئي وئي ته اهي سول مقدمي ۾ فوجداري معيارِ ثبوت (فوجداري قانون وارا ثبوت) لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ گهريلو جهڳڙن ۾ حقيقتن، ورتاؤ ۽ حالتن کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪن. عدالت موجب هن ڪيس ۾ شادي 19 سيپٽمبر 2016 تي ٿي هئي جڏهن ته 8 آڪٽوبر 2016 تي علحدگي جو مقدمو دائر ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته گهٽ مدت ۾ به ظلم ٿي سگهي ٿو ۽ هر ڪيس پنهنجي حقيقتن تي منحصر هوندو. عدالت قرار ڏنو ته زال ظلم ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ان ڪري هيٺين عدالتن جا فيصلا برقرار رکيا وڃن ٿا، تنهن هوندي به شادي شروعات ۾ ئي ختم ٿي چڪي هئي ۽ زال مسلسل علحدگي تي قائم رهي. سپريم ڪورٽ طلاق جو فيصلو جزوي طور ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس صرف طلاق جي طريقيڪار ۽ مالي حقن جي تعين لاءِ ٻيهر فيملي ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو. فيصلي موجب فيملي ڪورٽ زال جو حتمي بيان رڪارڊ ڪري سندس مرضي معلوم ڪندي جيڪڏهن زال طلاق جو انتخاب ڪري ته قانوني شرطن موجب فيصلو ٿيندو، جڏهن ته جيڪڏهن هوءَ ظلم جي دعويٰ تي قائم رهي ته ڪيس جو فيصلو ان ئي بنياد تي ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ فيملي ڪورٽ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪيس 30 ڏينهن اندر اڪلايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو