اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي خبر آ ڪير فيلڊ ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ڪير نه.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي جي ذميواري پاڪستان تي لاڳو نٿي ٿئي پر اسان قيمت ادا ڪئي، يو اين سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، انتونيو گوتريس ڪروڙين پاڪستانين جو ترجمان بڻيل هو.هن چيو ڪابينا ميمبرن کي اپيل ٿو ڪيان ته رليف جي ڪم ۾ حصو وٺن، ڪابينا ميمبر وڊيو لنڪ ذريعي به پنهنجون ذميواريون نڀائي سگهن ٿا، عوام ياد رکندو ته ڪير ڪير انهن وٽ آيو ۽ ڪير اسلام آباد ويٺل رهيو.سندس چوڻ هو ته هن وقت يڪجهتي جون ڳالهيون ڪافي ناهن، عملي ڪم ڪرڻو پوندو، مون کي خبر آ ڪير ٻوڏ ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ڪير نه، وڌيڪ ٻن ٽن هفتن ۾ پاڻي لهي ويندو ۽ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ منتقل ٿي ويندا. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪئي وئي. صحت واري قومي وزارت طرفان سمري ۾ 10 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي هئي. پڌرائيءَ موجب نيشنل هيلٿ سروسز جي 10 دوائن تي ريٽيل پرائس وڌائڻ جي سمري رد ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته مان دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي قطعي حمايت نٿو ڪيان.










