مير ذوالفقار چانڊيو
ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي ھزارين سالن جي پراڻي تاريخ روايت ثقافت رھي آھي جنھن جي پنھنجي ٻولي پنھنجي ڌرتي پنھنجا اختيار رھيا آھن منھنجي نظر ۾ دنيا جي تختي تي سنڌ واحد خطو آهي جيڪو ھر حوالي سان مالامال خوشحال آهي جيڪو قدرت جي ھر نعمت سان نوازيل ھجڻ سان گڏ معدني وسيلن سان پڻ مشهور آهي ھن خطي جي مٿان ھزارين سالن جا پراڻا قديمي آثارن پڻ موجود آهن ڪاروبار واپار جي حوالي سان ھي خطو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي خاص ڪري ھن خطي سان سمنڊ ھجڻ ڪري بحري حوالي سان ٻين ملڪن ۾ آسانيءَ سان واپار ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو پورٽ قاسم جھڙا بھترين اڏا ھجن يا وري اسٽيل مل جھڙا بھترين ڪارخانا ھجن جن سان ھن خطي جي ماڻهن جي زندگي بدلي سگھجي ٿي ان کان علاوه ھن خطي مٿان زرعي حوالي سان ھر فصل جو ٿيڻ به الله تعالي جي نعمتن منجهان ھڪ انمول نعمت آهي مطلب ته ھن خطي مٿان ھر حوالي سان خوشحالي رهي آهي ۽ محبتي ماڻھن جي رھڻ سان گڏ ھي خطو ھميشھ محبتون ورھائيندڙ مھمان نوازي ۾ پڻ مشهور سمجھيو وڃي ٿو پر افسوس ته جڏهن کان سنڌ جو ورهاڱو ڪري پاڪستان جو وجود قائم ٿيو ان وقت کان وٺي سنڌ کي سورن ڏکن ۾ وڪوڙيو ويو آهي جيئن پاڪستان جي آزادي وقت ڀارت مان ھجرت ڪري ايندڙن کي چيو ويو ته ,, سنڌ آگي ھي ،، ان کان علاوه ھر حوالي سان سنڌ کي بنجر ڪري ان جي خوشحالي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پوءِ اھو قبضو سنڌ جي تيل گيس ڪوئلي بجلي تي ھجي يا وري سنڌ جي زمينن تي طاقتور ڌرين جو قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ھجي پاڪستان جي آزادي کان پوءِ سنڌ کي صوبي تائين محدود ڪري ان جي ھر وسيلن تي قبضي ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ذاتي زمينن تي قبضا ڪري کين پوئتي ڌڪڻ سنڌي قوم کي پنھنجي صوبي اندر اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جيڪا اڄ تائين جاري آهي صرف ايترو نہ پر سنڌ جي صوبائي ادارن تي وفاقي حڪومتن جو زبردستي ڪنٽرول ڪرڻ جھڙا واقعا سامھون ايندا رھن ٿا ان سان گڏوگڏ سنڌي ماڻهو پنھنجي خوشحال صوبي اندر بدحال بڻجي رھيا آھن سندن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ بنيادي سھولتون نه ھجڻ ڪري روڊ رستن چوراھن تي مرڻ جھڙا واقعا سامھون ايندا رھن ٿا خوشحال صوبي سنڌ جي ننڍين اسپتالن توڙي اسڪولن جي تباهي ھجڻ ڪري عام ماڻهو صحت جي سھولتن سان گڏ تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آهن سنڌ سرڪار جي پنھنجي سنڌي ماڻهن جي صحيح طريقي سان پرگھور نه لھڻ ڪري ڌرتي ڌڻي بک بيروزگاري بدحالي جو شڪار بڻجي رهيا آهن جنهن جي ذميوار خد سنڌ حڪومت آهي سنڌ اندر بک بيروزگاري بدحالي ايتري قدر وڌي رهي آهي جو ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب ڪافي ٻارن جي مرڻ جھڙا واقعات ٿيندا رھن ٿا ان کان علاوه خوشحال صوبي سنڌ جي ماڻھن جي تباهيءَ جا پڻ ڪافي مثال سامھون اچن ٿا جيئن سنڌ جي شھرن مان نڪرندڙ تيل گيس ڪوئلي بجلي تي ھر حوالي سان پھريون حق مقامي ماڻهن جو ھوندو آھي پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿيندو آهي سرڪاري سطح تي مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ڌارين کي ڪجھ وڌيڪ اھميت ۽ اختيار ڏنا ويندا آهن جنھن جي ڪري خوشحال سنڌ جا ماڻهو بدحالي جي طرف ويندا رهن ٿا ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اھي پنھنجي صوبي جي اصل وارثن جي پرگھور لھن جيئن انھن کي پنھنجا قانوني حق ملي سگھن ۽ اھي خوشحال ٿي رھن ملڪ جي آزاديءَ جي 75 سال گذري وڃڻ باوجود سنڌي ماڻهو پنھنجي خوشحال صوبي سنڌ مان بدحال بڻجي چڪا آهن ھر حوالي سان سنڌي ماڻهن سان ظلم ڪري کين ديوار سان لڳايو ويو آهي ھن وقت به ملڪ جي خوشحال صوبي سنڌ جي ماڻھن جي حالت خطرناڪ صورتحال ۾ آهي جنهن جا پڻ ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا
ڌارين جي آبادڪاري وڌيڪ سنڌ ۾ ڇو ؟
بيروزگاري بدحالي جو تعداد سنڌ ۾ وڌيڪ ڇو ؟
تيل گيس ڪوئلو بجلي سنڌ مان نڪري ٿي ان ۾ مقامي ماڻهو نظرانداز ڇو ؟
معدني وسيلا سنڌ ۾ آھن پوءِ به سنڌ جا اڪثر ڳوٺ بجلي گيس جھڙين سھولتن کان محروم ڇو ؟ ھٿ سان وٺي سنڌي ماڻهن کي ديوار سان لڳائڻ جي سازش ڇو ؟؟ ڇا واقعي سنڌي ماڻهو اڻپڙهيل نااھل آھن جو انھن کي ڪا به سھولت نٿي ڏني وڃي آخر سنڌي ماڻهن سان پنھنجي صوبي ۾ اھو ظلم ڪيستائين جاري رهندو جنھن سان سندن خوشحالي وارا خواب پورا ٿي سگھندا يا وري بس اھي خواب ئي خواب رھندا سنڌي ماڻھن جي تباهيءَ جي خاص وجھ سنڌ اندر غير قانوني طريقي سان ڌارين جي سنڌ ۾ رھڻ سبب سنڌ جا خوشحال ماڻھو بدحال بڻجي رھيا آھن سنڌ سرڪار جي سپورٽ سان گڏ خد سنڌين طرفان پنھنجن ماڻھن کي ڇڏي ڌارين جي سپورٽ ڪرڻ سبب ڌاريا ماڻهو خاص ڪري افغاني پٺاڻ سنڌ تي قابض ٿي رھيا آھن جنھن جي ذميوار سنڌ حڪومت سان گڏ اسان جا اھي سنڌي ڪاروباري ماڻھو آھن جيڪي پنھنجن سنڌي ماڻهن کي ڇڏي ڌارين کي پنھنجا گھر دڪان ھوٽلون ڪرائي تي ڏيندا آهن نتيجو اھو ئي نڪرندو آهي جو ڪڏهن ڌارين ھٿان ارشاد رانجھاڻي شھيد ٿي ويندو آهي يا وري بلال ڪاڪا کي بي درديءَ سان شهيد ڪيو ويندو آهي جنهن جا سڀ کان پهرين ذميوار وقت جي حڪومتن سان گڏ اسان سنڌي پاڻ آھيو جيڪي ڪجھ پيسن جي لالچ ۾ انھن کي گھرن سميت رھائش ڏئي ڪري پنھنجي مٿان زبردستي مڙھيندا آھيو پر نتيجا ان جي ابتڙ ئي نڪرن ٿا جيڪڏهن اسان سنڌي ماڻهن پنھنجي خوشحال سنڌ کي پنھنجو نه ڪيو ته مستقبل قريب ۾ اسان سنڌي پنھنجي صوبي اندر اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين ھي وقت آهي جو پنھنجي انا پرستي سستي کي ڇڏي پنھنجي ڌرتيءَ جا پاڻ والي وارث بڻجي ان جي حفاظت ڪيون پنھنجي ڳوٺن شھرن اندر پنھنجو پاڻ ڪاروبار ڪري ڌارين جو عملي طرح سان بائيڪاٽ ڪيون جيئن انھن کي معاشي طرح نقصان ڏئي انھن کي واپس پنھنجي شھرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيون ان کان سواءِ سنڌي ماڻهن ۾ خوشحالي نٿي اچي سگھي حقيقت آهي ته ڪنھن وقت ۾ ڌاريا صرف ڪراچي تائين محدود ھئا پر ھاڻي اھڙو وقت اچي ويو آهي جو پناهگير سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شهر ۾ پھچي چڪا آهن صرف ايترو نہ پر ھاڻي ته ٻھراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ پناهگيرن قبضا ڄمائي ورتا آهن جيڪي غير قانوني سان ڪاروبار ڪري سنڌي قوم مٿان قابض ٿي رھيا آھن پر افسوس ته اسان جي ملڪ سميت سنڌ صوبي جو قانون افغان پناهگيرن لاءِ خاموش بڻيل آهي جنهن سبب ڏينھون ڏينهن صرف سنڌ اندر پناهگيرن جا ٽولا وڌي رهيا آهن وڏي ڳالھ ته پاڪستان ۾ ڌارين جي وڌندڙ آبادڪاري صرف سنڌ ۾ ڇو آهي ؟ ڇا سنڌ صوبو ڪو عالمي يتيم خانو آهي جو ھر پناهگير غير قانوني طريقي سان صرف سنڌ ۾ رھندا ؟ جيڪڏهن سنڌ حڪومت انھن پناهگيرن خلاف ڪو ايڪشن نه کنيو ته مستقبل ۾ سنڌ صوبي سميت ڌارين جي آبادڪاري سنڌي ماڻهن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي جنھن جي ڪري حقيقت ۾ خوشحال سنڌ جا ماڻهو بدحال بڻجي ويندا ان ڪري سنڌ حڪومت سان گڏ سنڌي ماڻهن کي ضرور سوچڻ گهرجي ته بيروزگار ويھڻ يا سرڪاري نوڪرين جي آسري ۾ ويھڻ کان بھتر آھي تہ پنھنجي پنھنجي علائقي شھرن ۾ ننڍي پيماني تي پنھنجو روزگار کوليو جنھن سان توهان پنھنجي ڌرتيءَ جا وارث بڻجڻ سان گڏ خوشحال سنڌ جا خوشحال ماڻھو بڻجي ويندا باقي رھي ڳالھ ته جيڪڏهن توهان ھميشھ بيروزگار رھيا يا پنھنجي جوانيءَ جا خوبصورت لمحا سرڪاري نوڪريءَ جي انتظار ۾ ضايع ڪري ڇڏيا ته پوءِ توهان جو مستقبل توهان جي اولاد جو مستقبل پنھنجن شھرن ۾ ڌارين وٽ غلام بڻجي رھندو ان جي لاءِ سنڌي ماڻهن کي عرض آهي ته پنھنجي خوشحال سنڌ جا خوشحال ماڻھو بڻجڻ جي ڪوشش ڪيو جيئن توهان جو توهان جي اولاد جو مستقبل خوشحال ھجي حقيقت ۾ خوشحالي تڏهن ايندي آهي جڏهن ماڻهو محنت مزدوري ڪندو باقي سڄو ڏينهن ھوٽلن تي فضول وقت گذارڻ سان خوشحالي گھٽ پر بدحالي وڌيڪ ايندي آهي جيڪا اسان پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون وقت جي حڪومتن کي گھرجي ته خوشحال سنڌ جي ماڻھن کي خوشحال رکڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن جيئن اھي پنھنجي زمينن مان نڪرندڙ زراعت سان گڏ معدني وسيلن جا پاڻ والي وارث بڻجي ڪري خوشحال بڻجن










