خود انحصاري کان محروم سنڌ

خود انحصاري کان محروم سنڌ

علي نواز راهمون
“جيڪو ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکي وڃي ٿو، دنيا جي ڪا به طاقت ان کي غلام نٿي بڻائي سگهي.” هي قول صرف هڪ فرد لاءِ نه، پر قومن جي بقا ۽ ترقي لاءِ به وڏو سبق آهي. خود انحصاري رڳو معاشي ضرورت نه، پر هڪ فڪر، هڪ شعور ۽ هڪ اهڙو رستو آهي، جيڪو قومن کي عزت، وقار ۽ آزادي بخشي ٿو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته وسيلن سان مالا مال سنڌ، اڄ به خود انحصاريءَ کان محروم نظر اچي ٿي.
خود انحصاريءَ جو مطلب آهي ته انسان يا قوم پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻين تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي صلاحيتن، وسيلن ۽ محنت تي اعتماد ڪري. “خود اعتمادي ڪاميابيءَ جي پهرين ڏاڪي آهي.” جڏهن ماڻهو پنهنجي هٿن جي پورهئي تي يقين رکندا آهن، تڏهن ئي معاشرا ترقي ڪندا آهن. پر سنڌ ۾ صدين کان جاگيرداري، وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداريءَ جو اهڙو نظام قائم رهيو آهي، جنهن عام ماڻهوءَ جي سوچ ۽ سگهه کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. هاري، مزدور ۽ هنرمند پنهنجي محنت باوجود به معاشي طور آزاد ناهن.
اوڻويهين صديءَ جي صنعتي انقلاب دنيا کي ترقيءَ جا نوان رستا ڏنا، پر ان سان گڏ معاشي اڻبرابري به وڌي. “دولت جڏهن چند هٿن ۾ محدود ٿي وڃي ٿي ته غربت لکين ماڻهن جو مقدر بڻجي وڃي ٿي.” سنڌ ۾ به صورتحال ڪجهه اهڙي ئي رهي آهي. زميندارن ۽ سرمائيدارن جي طاقت ايتري وڌي وئي، جو پورهيت طبقي جي زندگي مسلسل ڏکن ۾ گهيريل رهي. هتي هڪ عام ماڻهو اڃا تائين پنهنجي زندگيءَ جا اهم فيصلا پاڻ نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس معاشي آزادي محدود آهي.
سنڌ جي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي زندگي ان استحصالي نظام جي واضح تصوير پيش ڪري ٿي. ڦٽيون چونڊيندڙ عورتون ڏينهن جا ڪيترائي ڪلاڪ سخت گرميءَ ۾ ڪم ڪن ٿيون، پر کين مناسب اجورو نٿو ملي. ڪيترين عورتن کي ته هفتي يا مهيني کانپوءِ به مزدوريءَ لاءِ انتظار ڪرڻو پوي ٿو. “محنت ڪندڙ هٿ جڏهن خالي رهن، تڏهن سماج جي انصاف تي سوال اٿن ٿا.” انهن عورتن سان گڏ سندن ٻار به ٻنين ۾ ايندا آهن، جيڪي گرمي، بک، بيمارين ۽ زهريلي دوائن جي اثرن سبب بيمار ٿي پون ٿا. پيسٽيسائيڊز جي استعمال ڪري ڪيترين ڳورهارين عورتن جي صحت متاثر ٿئي ٿي، ڪمزور ٻار پيدا ٿين ٿا ۽ چمڙي، دم ۽ ساهه جون بيماريون عام آهن. افسوس اهو آهي ته انهن پورهيتن لاءِ نه مناسب علاج آهي، نه ئي سماجي تحفظ.
خود انحصاريءَ جو تصور جديد دنيا ۾ صرف وڏن ڪارخانن تائين محدود ناهي. اڄ دنيا جون ترقي يافته قومون ننڍن قدمن وسيلي به پاڻ ڀرائيءَ ڏانهن وڌي رهيون آهن. گهرن اندر ڪچن گارڊن ٺاهڻ، ڇتين تي ڀاڄيون پوکڻ، ڪونڊين ۾ ساوا مرچ، ڌاڻا، ٿوم ۽ ادرڪ پوکڻ جهڙا طريقا روزمرهه زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. “زمين سان محبت ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به بکيا ناهن رهندا.” آمريڪا ۾ ٻي مهاڀاري جنگ دوران “وڪٽري گارڊن” جو تصور متعارف ٿيو، جنهن تحت ماڻهن پنهنجي گهرن ۾ پوک شروع ڪئي ته جيئن خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي سگهن. انهن ڀاڄين ۽ ميون کي محفوظ ڪري سال ڀر استعمال ڪيو ويندو هو.
اسان وٽ به جيڪڏهن هر گهر ۾ ننڍڙي سطح تي پوک جو رواج وڌي وڃي ته مهانگائيءَ جو بار گهٽجي سگهي ٿو. افسوس جو هتي ماڻهو مسئلن جو حل ڳولڻ بدران ٻين تي ڀاڙڻ جا عادي بڻجي ويا آهن. ٻوڏ، برسات يا ڪنهن به قدرتي آفت دوران امداد جو انتظار ڪرڻ عام سوچ بڻجي وئي آهي. جڏهن ته دنيا جون زنده قومون ڏکين حالتن ۾ به پنهنجي لاءِ نوان رستا پيدا ڪن ٿيون.
سنڌ جي ثقافت ۾ خود انحصاريءَ جا ڪيترائي مثال موجود آهن. رلي، ڀرت، اجرڪ، ٽوپيون ۽ هٿ جي هنر سان ٺهندڙ شيون دراصل “ري سائيڪلنگ” ۽ مقامي صنعت جو بهترين نمونو آهن. پراڻن ڪپڙن مان ٺهندڙ رلي صرف هڪ بسترو نه، پر سنڌي عورت جي تخليقي صلاحيت ۽ معاشي شعور جي علامت آهي. “قومون پنهنجي ثقافت بچائي ئي دنيا ۾ سڃاڻپ حاصل ڪنديون آهن.” رليءَ جا ڊزائين، جهڙوڪ چومکي، ٽڪنڊي، زنجيري، چنڊ تارو ۽ کجي تاري، نه صرف هنر جو شاهڪار آهن، پر مقامي دانش جي عڪاسي به ڪن ٿا.
اڄ به ڪيترين عورتن لاءِ رلي ۽ ڀرت روزگار جو ذريعو آهن. گذريل ٻوڏ دوران لاڙڪاڻي مان لڏي آيل هڪ عورت حيدرآباد ۾ پنهنجي ٻارن جي خرچ لاءِ رليون ۽ ڀرت جو سامان وڪرو ڪندي رهي. جيڪڏهن هن وٽ اهو هنر نه هجي ها ته شايد کيس به ٻين وانگر امدادي ڪئمپن ۾ ويهي خيرات جو انتظار ڪرڻو پوي ها. هي مثال ٻڌائي ٿو ته هنر ۽ محنت انسان کي عزت سان جيئڻ جو حوصلو ڏين ٿا.
دنيا جون ترقي يافته قومون “ري سائيڪلنگ” ۽ مقامي صنعتن کي هٿي ڏين ٿيون. جاپان، چين، انڊونيشيا ۽ سري لنڪا جهڙا ملڪ گهريلو صنعتن کي مضبوط ڪري پنهنجي معيشت کي مستحڪم بڻائي چڪا آهن. اتي مقامي شيون استعمال ڪرڻ کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. جڏهن ته اسان وٽ امپورٽيڊ شين کي “اسٽيٽس سمبل” سمجهيو وڃي ٿو. ماڻهو پنهنجي هٿ جي ٺهيل شيءِ کان وڌيڪ ٻاهرين ملڪن جي سامان کي اهميت ڏين ٿا. نتيجي طور مقامي هنرمند پوئتي رهجي وڃن ٿا.
ملٽي نيشنل ڪمپنين جو وڌندڙ اثر به سنڌ سميت ٽين دنيا جي ملڪن لاءِ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي. فاسٽ فوڊ، درآمد ٿيل شيون ۽ مغربي طرز زندگي اسان جي سماج تي گهرو اثر ڇڏيو آهي. اڄ ڪي ايف سي، پيزا ۽ برگر نوجوان نسل جي پسند بڻجي ويا آهن، جڏهن ته روايتي سنڌي کاڌا آهستي آهستي غائب ٿيندا پيا وڃن. “جيڪو سماج پنهنجي ذائقي، لباس ۽ ثقافت کي وساري ويهي ٿو، اهو آهستي آهستي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهي ٿو.”
جنڪ فوڊ رڳو صحت لاءِ نقصانڪار ناهي، پر اهو اسان جي مزاج تي به اثر انداز ٿئي ٿو. بي چيني، ڪاوڙ، جلدبازي ۽ مختلف بيماريون جديد خوراڪ سان لاڳاپيل آهن. ان جي مقابلي ۾ سنڌي روايتي کاڌا نه صرف غذائيت سان ڀرپور آهن، پر مقامي زراعت ۽ معيشت کي به هٿي ڏين ٿا.
پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي حالتن تي مڪمل طور لاڳو ٿئي ٿي. غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ معاشي بدحاليءَ جي وڌندڙ طوفان ۾ حڪومت پاران هلندڙ امدادي پروگرام، خاص طور بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP)، ضرور ڪجهه خاندانن لاءِ عارضي سهارو بڻيو آهي، پر اهو سوال اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته ڇا صرف نقد امداد غربت ختم ڪري سگهي ٿي؟ ڇا خيرات يا مالي سهائتا ماڻهن کي خود انحصاري ڏانهن وٺي وڃي ٿي يا کين وڌيڪ ڀاڙائپ ڏانهن ڌڪي ٿي؟
خود انحصاري ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جو بنيادي اصول آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي محنت، هنر ۽ صلاحيتن تي ڀروسو ڪن ٿا ته هو نه صرف پنهنجي زندگي بهتر بڻائين ٿا، پر ملڪ جي معيشت ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن سالن کان غربت جي خاتمي لاءِ گهڻو زور امدادي پاليسين تي ڏنو ويو، جڏهن ته ماڻهن کي روزگار، هنر ۽ پيداوار سان ڳنڍڻ تي گهٽ ڌيان ڏنو ويو.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بنيادي مقصد غريب خاندانن، خاص طور عورتن، کي مالي سهارو فراهم ڪرڻ هو ته جيئن هو پنهنجي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. ڪيترين بيواهن، معذورن ۽ انتهائي غريب خاندانن لاءِ هي پروگرام ڏکئي وقت ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. پر جڏهن ڪنهن سماج ۾ لکين ماڻهو مستقل طور امداد تي ڀاڙڻ لڳن، تڏهن اهو سماج معاشي طور ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو. “خيرات عارضي بک ختم ڪري سگهي ٿي، پر مستقل خوشحالي صرف محنت سان ايندي آهي.”
سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا خاندان آهن، جيڪي هر ڪجهه مهينن بعد ايندڙ BISP جي قسط جو انتظار ڪن ٿا. اهي پئسا مهانگائيءَ جي موجوده دور ۾ ڪجهه ڏينهن جو راشن يا بجليءَ جو بل ته ادا ڪري سگهن ٿا، پر مستقل روزگار، تعليم يا صحت جي مسئلن جو حل نٿا بڻجي سگهن. جڏهن اٽو، کنڊ، تيل، سبزيون ۽ دوائون روز بروز مهانگيون ٿينديون وڃن، تڏهن ڪجهه هزار رپيا ڪنهن خاندان جي تقدير تبديل نٿا ڪري سگهن.
اصل مسئلو اهو آهي ته غربت کي صرف امداد سان نه، پر معاشي سرگرمين سان ختم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ساڳئي رقم غريب ماڻهن کي ننڍن ڪاروبارن، هنرمندي، زراعت يا گهريلو صنعتن لاءِ بغير وياج قرضن جي صورت ۾ ڏني وڃي ها، ته شايد ڪيترائي ماڻهو مستقل روزگار پيدا ڪري سگهن ها. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن عورت کي رلي ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ، سلائي، ڪڙهائي يا کاڌي جي ننڍڙي ڪاروبار لاءِ مدد ملي ها ته هوءَ نه صرف پنهنجو گهر هلائي سگهي ها، پر ٻين عورتن لاءِ به روزگار پيدا ڪري سگهي ها
سنڌ ۾ زراعت کانپوءِ هٿ جي هنر جي صنعت وڏي اهميت رکي ٿي، پر افسوس جو هنرمند اڄ به مارڪيٽ تائين سڌي رسائي نٿا رکن. دڪاندار ۽ واپاري سندن محنت مان وڏو منافعو ڪمائين ٿا، جڏهن ته اصل پورهيت جي زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي نٿي اچي. “محنت جو صحيح معاوضو نه ملڻ، سماج جي وڏي ناانصافي آهي.” جيڪڏهن حڪومت ۽ سماجي ادارا هنرمندن لاءِ مناسب مارڪيٽ ۽ آن لائين پليٽ فارم فراهم ڪن ته هزارين خاندان معاشي طور مضبوط ٿي سگهن ٿا.
اڄ دنيا جا ڪيترائي شاگرد موڪلن دوران ڪم ڪري پنهنجو خرچ پاڻ کڻن ٿا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ ماڻهو رٽائرمينٽ کانپوءِ پنهنجي آمدنيءَ جو وڏو حصو فلاحي ڪمن لاءِ وقف ڪن ٿا، جڏهن ته اسان وٽ امير طبقي جو سرمايو گهڻو ڪري ٻاهرين بينڪن ۾ محفوظ آهي. اهو سرمايو نه ملڪ جي ترقيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، نه ئي غريب ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ. ٻوڏ ۽ ٻين آفتن دوران به امداد جي ورڇ ۾ بدعنواني جا قصا سامهون اچن ٿا.
سنڌ کي جيڪڏهن ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي آڻڻو آهي ته خود انحصاريءَ جي سوچ کي عام ڪرڻو پوندو. ماڻهن کي خيرات تي هيرائڻ بدران کين هنر، تعليم ۽ روزگار جا موقعا ڏيڻ گهرجن. هر ڳوٺ، هر شهر ۽ هر گهر ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي ته “پنهنجي هٿ جي محنت ئي اصل طاقت آهي.”
سنڌ وٽ زرخيز زمين، درياهه، سمنڊ، ثقافت، هنر ۽ افرادي قوت جهڙا بي شمار وسيلا موجود آهن. ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته انهن وسيلن کي صحيح رٿابندي، ايمانداري ۽ جديد سوچ سان استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ جو نوجوان، عورت، هاري ۽ هنرمند پاڻ ڀرائيءَ جي راهه اختيار ڪري، ته سنڌ صرف پاڪستان نه، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي سگهي ٿي. “قومن جي تقدير تڏهن بدلجي ٿي، جڏهن اهي پنهنجن هٿن جي سگهه تي يقين ڪرڻ شروع ڪن ٿيون.”

پهنجو تبصرو موڪليو