خان جو پنهنجي ايجنڊا کان سواءِ ٻيو ڪو ايجنڊا ناهي: خواجه آصف

خان جو پنهنجي ايجنڊا کان سواءِ ٻيو ڪو ايجنڊا ناهي: خواجه آصف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو پنهنجي ايجنڊا کان سواءِ ٻيو ڪو به ايجنڊا ناهي.هڪ بيان ۾ وفاقي دفاع واري وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جو موقف مختلف آهي، هو صرف پنهنجي ذات بابت سوچيندو آهي، عمران خان پنهنجي ذات بابت سوچڻ شروع ڪري ٿو ۽ اتي ئي ختم ٿي ويندو آهي.دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان پي ٽي آءِ مختلف رنگ ڏيکاري رهي آهي، پي ٽي آءِ ۾ ڪجهه ماڻهو ڳالهين جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ڪجهه ٽڪراءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، پي ٽي آءِ پاڻ ورهاڱي جو شڪار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو