حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾  ڳالهين جو عمل هلندي نظر نه پيو اچي

حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين جو عمل هلندي نظر نه پيو اچي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ته ڳالهيون چاهين ٿا پر انهي ۾ رڪاوٽ پاڻ پي ٽي آءِ باني آهي. ٻنهي طرف ڊيڊ لاڪ آهي انهي جي ڪري مون کي اهو عمل وڌيڪ هلندي نظر نه اچي رهيو آهي.پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته ڳالهين ۾ رڪاوٽ پي ٽي آءِ باني آهي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو ته ڳالهيون چاهين ٿا، پي ٽي آءِ سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ جڳهه پيدا ڪري. هن چيو ته ٻئي ڌريون ڊيڊ لاڪ جي ذريعي پنهنجو رستو ڪڍڻ چاهين ٿيون پر ڳالهين جو عمل هلندي مون کي نظر نٿو اچي ڇو ته باني چوي ٿو ته سياستدانن سان ڳالهيون نه ڪرڻيون آهن جڏهن ته ادارا انهي سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪندا.قمرالزمان ڪائره چيو ته پي ٽي آءِ باني ڪو حادثو چاهي ٿو جنهن سان عوامي دٻاءُ سامهون اچي جنهن کان پوءِ حڪومت مجبور ٿي وڃي. سهيل آفريدي کي انهي لاءِ آندو ويو ته اهو صورتحال کي خراب ڪري سگهي ٿو. پي ٽي آءِ وارا سڀني سان تڪرار چاهين ٿا.پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ تحريڪ هلائڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. مان نٿو سمجهان ته اها حڪومت جي لاءِ ڪو وڏو امتحان پيدا ڪري سگهي ٿي، هو حڪومت جي لاءِ نه پر سياست جي لاءِ بحران يپدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ عوامي دٻاءُ نه وڌائي سگهي انهي لاءِ حڪومت تي ڪوبه دٻاءُ نه آهي. عوامي دٻاءُ سان حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ ۾ پي ٽي آءِ ناڪام ٿي چڪي آهي.هن چيو ته جمهوريت ۾ ڳالهيون ضروري آهن. اهو طئي آهي ته ڳالهيون نه ٿين ته پوءِ جمهوريت ڊي ريل ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي. ڳالهين کان ڪڏهن ڪنهن انڪار ڪيو آهي. پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره چيو ته سنڌ اچڻ يا ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ وڃڻ سهيل آفريدي جو حق آهي. اسان جي حڪومت انهي سان مڪمل تعاون ڪندي. لاهور جي دوري ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي مناسب نه هيون. اسان جي پارٽي طرفان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي دوري جي دعوت ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو