سيد زوار حسين شاهه
حضرت حليمه رضي تعاليٰ عنها الله فرمائن ٿيون ته هڪ دفعي منهنجي پاڙيسري مون کان پڇا ٿي ته اي حليمه رضي الله عنها توهان جو گهر سڄي رات روشن هوندو آهي انهي جو ڪهڙو سبب آهي ؟ حضرت حليمه رضي الله عنها سعديه انهي عورت کي جواب ڏيندي فرمائن ٿيون ته منهنجو گهر ڪنهن چراغ جي سبب سڄي سڄي رات روشن نٿو رهي بلڪه هيءُ ته محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي نوراني چهري جي سبب روشن رهندو آهي، ولي ڪامل هستي حضرت شاهه عبدالحق محدث دهلوي رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته مان هر سال ميلاد شريف جي ڏهاڙن ۾ کاڌو پچائي ماڻهن ۾ کارائيندو هيس، هڪ سال قحط جي سبب ڀڳل چڻن کان سواءِ ڪجهه ميسر نه هيو، مان اهي چڻا ورهايا، رات جو خواب ۾ آقا و مولا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زيارت کان مشرف ٿيس ڏسان ٿو ته اهي ڀڳل چڻا سرڪار دو عالم نور مجسم صلي الله عليه وسلم جي سامهون رکيل آهن ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم بيحد خوش ۽ مسرور آهن، هن مبارڪ موقعي جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم کي صحابه ڪرام ، اهلبيت ڪرام ، پيران پير دستگير حضور غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني رضي الله عنه سميت سمورن اولياءَ الله وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو آهي انهي سلسلي ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي هڪ محفل ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ ارشاد فرمايو ؛ توهان هتي ڪيئن ويٺا آهيو ؟ صحابه ڪرام عرض ڪيو ته انهيءَ لاءِ ته اسان کي الله تعاليٰ اسلام جي دولت عطا فرمائي ۽ توهان پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم کي موڪلي ڪري اسان تي احسان فرمايو انهيءَ تي انهي جو ذڪر و شڪر ڪيون ٿا، ارشاد فرمايو ويو ته ؛ سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم فرمايو ته مون وٽ جبريل عليه السلام آيا ۽ مون کي خبر ڏني ته الله پاڪ فرشتن ۾ توهان تي فخر فرمائي رهيو آهي. جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جو بابرڪت مهينو مومن مسلمانن لاءِ عيدن کان به وڌيڪ مسرت جو ڏهاڙو آهي، هيءُ مهينو هر طرف خوشيون آڻي ٿو ۽ هرهڪ مومن پنهنجي دل و جان سان هن مبارڪ مهيني تان قربان ٿي وڃي ٿو، هن مقدس ۽ مبارڪ مهيني اچڻ سان بي قرارن کي قرار ملي ٿو ۽ ستايلن کي سڪون ملي ٿو، هن مبارڪ مهيني جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جنهن لاءِ دنياءَ اسلام جي عظيم معتبر شخصيت اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله تعاليٰ عليه جو عشق ڀريو انداز پنهنجي عشق رسول الله صلي الله عليه وسلم جي نعمت سان مالا مال بيشمار محبت رسول الله ، دربار رسول الله صلي الله عليه وسلم ۾ اهڙا ته درد ۽ سوز ڀريا نعته اشعار پنهنجي شاعري ۾ لکيا جو پڙهندڙ انهيءَ جي گهيرائيءَ ۾ مستغرق ۽ فنا ٿيندي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي عشق و محبت ۾ فنا في الرسول جي اعليٰ درجي جي سعادت حاصل ڪرڻ لڳا ۽ سندن جو حمد و نعت جو عاليشان مجموعو “ حدائق بخشش” اهڙو ته پوري عالم اسلام دنيا ۾ مقبول ترين سندن جي شاعريءَ جو ڪتاب عام ٿيو جو اڄ تائين ڪنهن جي به شاعريءَ ۾ ايڏو اوج شايد نه ماڻيو هجي.شاعريءَ ۾ ڇا ته لفظن جي چونڊ ۽ عشق و محبت جي ترجماني ۽ ڪنهن عاشقِ رسول صلي الله عليه وسلم جي جذبات جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. مين تو مالڪ هي کهون گا ڪه هو مالڪ ڪي حبيب، يعني محبوب و مُحب مين نهين ميرا تيرا. تيري قدمون مين جو هين غير ڪا منه ڪيا ديکهين، ڪون نظرون په چڙهي ديکهه ڪي تلوا تيرا. ايڪ مين ڪيا مري عصيان ڪي حقيقت ڪتني، مجهه سي سو لاکهه ڪو ڪافي هي اشاره تيرا،تيري ٽڪڙون سي پلي غير ڪي ٽهوڪر په نه ڊال، جهڙڪيان کهائين کهان ڇوڙ ڪي صدقه تيرا ، تون جو چاهي تو ابهي ميل ميري دل ڪي دُهلين، ڪه خدا دل نهين ڪرتا ڪبهي ميلا تيرا.ڪس ڪا منه تڪين ڪهان جائين ڪس سي ڪهين، تيري هي قدمون په مٽ جائين يه پالا ميرا، تيري سرڪار مين لاتا هي رضا اُس ڪو شفيع ، جو ميرا غوث هي اور لاڊلا بيٽا تيرا. اهڙي طرح ئي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه پنهنجي شاعريءَ ۾ اهو پڻ فرمائين ٿا ته ؛ ورفعنا لڪ ذڪرڪ ڪا هي سايه تجهه پر، بول بالا هي تيرا ذڪر هي اونچا تيرا، مٽ گئي مٽتي جائين گي اعدا تيري، نه مٽا هي نه مٽي گا ڪبهي چرچا تيرا.خدا ڪي رضا چاهتي هين دو عالم ، خدا چاهتا هي رضاءِ محمد . جيئن ته هڪ دفعي نانپاره رياست ( ضلعو يو پي هندستان) جي نواب جي تعريف ۾ شاعرن قصيده لکيا ڪجهه ماڻهن اعليٰ حضرت کي به گذارش ڪئي ته سائين ! توهان به نواب صاحب جي مدح ۾ ڪو قصيدو لکو، انهيءَ تي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه جواب ۾ هڪ نعت شريف لکي جواب ڏنو جنهن جو مطلع ( غزل قصيدي جي شعر جنهن جي ٻنهي مصرعن ۾ قافيا هجن انکي مطلع چئبو آهي) هيءُ آهي . وه ڪمال حسنِ حضور هي ڪه گمان نقص جهان نهين، يهي پهول خار سي دور يهي شمع هي ڪه دهوان نهين، ۽ مقطع ( غزل يا قصيدي جو آخري شعر جنهن ۾ شاعر جو تخلص هجي ان کي مقطع چئبو آهي) ۾ نانپاره جي لفظن جي ترتيب ڪيتري ته لطيف انداز ۾ ادا ڪئي اٿن. ڪرون مدح اهل دول رضا پڙي اس بلا مين ميري بلا، مين گدا هون اپني ڪريم ڪا ميرا دين پاره نان نهين. فرمائن ٿا ته مان دولتمندن جي تعريف ڇو ڪيان ؟ مان ته پنهنجي ڪريم ۽ سرور عالم صلي الله عليه وسلم جي در جو فقير آهيان. منهنجو دين “پاره نان” يعني مانيءَ جو ٽڪر ناهي جنهن جي لاءِ مالدار جون خوشامدون ڪندو وتان. الحمدلله مان دنيا جي حڪمرانن جي هٿن ۾ وڪامجڻ وارو ناهيان. اعليٰ حضرت جي سمهڻ جو انداز سمهڻ مهل هٿ جي آڱوٺي کي شهادت واري آڱر تي رکندا هئا ته جيئن اڱرين سان لفظ “ الله ” بڻجي وڃي پاڻ پير ڍهگا ڪري ڪڏهن نه سمهندا هئا بلڪ ساڄي پاسي ليٽي ٻنهي هٿن کي ملائي مٿي هيٺان رکندا هئا ۽ پير مبارڪ وڙها ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙي طرح جسم سان لفظ “ محمد ” بڻجي ويندو هو.اهي آهن الله عزوجل جي چاهيندڙن ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي سچن عاشقن جون ادائون. نام خدا هي هاٿهه مين نام نبي هي ذات مين، مهر غلامي هي پڙي ، لکهي هوئي هين نام دو. اعليٰ حضرت امام احمد رضا رح پنهنجي آقا و مولا حِرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي ذات اقدسه ۾ الله رب العالين جي عطا سان ڪامل يقين سمجهندي پنهنجي شاعريءَ ۾ ائين فرمائين ٿا ته ؛ فرياد امتي جو جو ڪري حال زار مين، ممڪن نهين ڪه خير بشر ڪو خبر نه هو.
*******










