عبدالقيوم جکراڻي
اڄوڪي دور ۾ عام ماڻهو جي زندگي اڳ ئي مهانگائيءَ جي باهه ۾ سڙي رهي هئي، جو مٿان کان روزانو جي بنياد تي تيل جي قيمتن ۾ ردوبدل وارن حڪومتي فيصلن عوام جيئڻ جو ساهه ئي سڪائي ڇڏيو آهي. تيل جي قيمتن ۾ روزانو واڌ يا گهٽتائي وارو عمل سراسر سمجهه کان ٻاهر آهي. هي اهو بحران آهي، جنهن نه رڳو واپارين پر سڄي ملڪ جي معيشت ۽ عام واهپيندڙ کي پريشان ڪري رکيو آهي.
ڪوبه ملڪ يا معيشت تيل کانسواءِ هلي نٿي سگهي. ٽرانسپورٽ، صنعتون، زراعت ۽ بجلي جا وسيلا سڀ سڌي يا اڻ سڌي طرح تيل سان جڙيل آهن. جڏهن تيل جي اگهن ۾ هر روز نئون طوفان اچي، ته سڄو معاشي سسٽم بي ربط ٿي ويندو آهي.
روزانو تيل جي اگهه بدلجڻ سبب مسافر ۽ مالبردار ٽرانسپورٽ جا ڪرايا غير يقيني بڻجي ويا آهن. مسافر سمجهي ئي نٿا سگهن ته اڄ جي سفر جو اصل خرچ ڇا هوندو.
اٽي جي پيسائي جون چڪيون، ننڍيون صنعتون ۽ ڪارخانا جيڪي تيل يا بجلي تي هلن ٿا، اهي پنهنجي پيداوار جي قيمت ڪيئن طئي ڪن؟ جڏهن ڪنهن شي جي پيداواري لاڳت (Production Cost) روز بدلبي ته مارڪيٽ ۾ ان جو اگهه ڪيئن مستحڪم رهندو؟
هڪ عام دڪاندار، ننڍو ڪاروبار ڪندڙ يا مزدور پنهنجي روزاني جي ڪمائي جو حساب ڪيئن رکي، جڏهن هو صبح جو دڪان کوليندي ئي تيل جي اگهن ۾ واڌ جي خبر ٻڌي ٿو؟
جڏهن روزانو تيل جا اگهه گهٽ وڌ ٿيندا ته ڪو به شهري يا واپاري پنهنجي مهيني جو بجيٽ يا ڪاروبار جي منصوبا بندي نٿو ڪري سگهي. هن صورتحال ۾ وڏا سرمائيدار ته پنهنجو بچاءُ ڪري وڃن ٿا، پر ننڍو واپاري ۽ مهانگائيءَ جو ماريل غريب عوام پيسجي وڃي ٿو.
حڪومت ۽ لاڳاپيل انتظاميه کي گهرجي ته اهڙو غيرمستحڪم ۽ عوام دشمن سسٽم فوري طور بند ڪري. رياست جو ڪم عوام کي رليف ڏيڻ آهي نه ڪي کين روزاني جي پريشانين ۾ مبتلا ڪرڻ.
تيل جي قيمتن ۾ روزاني واڌ ويجھ جو سلسلو بند ڪري، گهٽ ۾ گهٽ پندرهن ڏينهن يا مهيني وارو نظام لاڳو ڪيو وڃي، جيئن زندگي جا ٻيا شعبا پنهنجا اگهه ۽ پاليسي ترتيب ڏئي سگھن.
انتظاميه کي اهڙو معتبر سسٽم جوڙڻ گهرجي، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ عام ماڻهو پنهنجو روزگار ۽ ڪاروبار ته هلائي سگهي،ايئن نه جو هو روزاني جي مهانگائيءَ سبب پنهنجا دڪان ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن.
حڪمرانن کي گهرجي ته هو عوام جي صبر جو امتحان وٺڻ بند ڪن. تيل جي اگهن ۾ روزاني واڌ جي پاليسي کي فوري طور رد ڪري ملڪ ۾ معيشت کي سڌارڻ لاءِ پائيدار قدم کنيا وڃن، تاڪي مهانگائيءَ جو ماريل عوام به سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ پنهنجي ديس ۾ ٻن ويلن جي ماني عزت سان حاصل ڪري سگهي.










